Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
پاڪستان

وڌيڪ فوج سعودي عرب اماڻڻ جو فيصلو حالتن ۽ سياسي قيادت جي فيصلي سان جڙيل آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

شيئر ڪريو
وڌيڪ فوج سعودي عرب اماڻڻ جو فيصلو حالتن ۽ سياسي قيادت جي فيصلي سان جڙيل آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: ڊي جي  آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته سعودي عرب وڌيڪ پاڪستاني فوج اماڻڻ جو فيصلو حالتن ۽ ٻنهي ملڪن جي سياسي قيادت جي فيصلي سان جڙيل آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر عالمي ميڊيا(رائٽرز) کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ چيو ته پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ  ٽياڪڙي جي حوالي سان محتاط طور تي پراميد آهي، جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي نظر نه اچي ها ته فيلڊ مارشل ٻيهر(ايران( ڇو وڃي ها؟ امن جي ڪوششن کي ٽوڙيندڙ طاقتور عناصر هميشه موجود آهن. سعودي عرب وڌيڪ پاڪستاني فوج اماڻڻ جو فيصلو حالتن ۽ ٻنهي ملڪن جي سياست قيادت جي فيصلن سان جڙيل آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڪوليڪٽو ڊيٽرنس ۽ علاقائي امن جو گڏيل وزن رکندڙ ملڪ (مڪه دفاعي معاهدي) تحاد ۾ شامل ٿي سگهن، مڪه دفاعي معاهدي ۾ نون ملڪن جي شموليت جو فيصلو ٽنهي ملڪن جي سياسي قيادت کي ڪرڻو آهي. پاڪستان سعودي عرب ۽ مقدس هنڌن مڪه، مدينه جي دفاع لاءِ پرعزم آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته يمن جو تڪرار يمن جو اندروني معاملو آحي، پاڪستان انهي تڪرار جو حصو نه آحي، پر سعودي عرب ۽ حرمين شريفين جي تحفظ لاءِ هر وقت موجود آهي، خيبرپختونخواهه ۾ وڏا آپريشن نه پر دهشتگردي جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس جي بنياد تي ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون وينديون.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%88%da%8c%d9%8a%da%aa-%d9%81%d9%88%d8%ac-%d8%b3%d8%b9%d9%88%d8%af%d9%8a-%d8%b9%d8%b1%d8%a8-%d8%a7%d9%85%d8%a7%da%bb%da%bb-%d8%ac%d9%88-%d9%81%d9%8a%d8%b5%d9%84%d9%88-%d8%ad%d8%a7%d9%84%d8%aa%d9%86/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون