Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
پاڪستان

ٿرپارڪر: اسپتال ٻاهران بيٺل ايمبولينس ۾ آڪسيجن سلينڊر ڦاٽڻ سبب ڳورهاري عورت سميت 10 ڄڻا فوت

شيئر ڪريو
ٿرپارڪر: اسپتال ٻاهران بيٺل ايمبولينس ۾ آڪسيجن سلينڊر ڦاٽڻ سبب ڳورهاري عورت سميت 10 ڄڻا فوت

مٺي: ننگرپارڪر جي ڏوراهين مرڪز صحت دانوداندل ۾ بيٺل پي پي ايڇ آءِ ايمبولينس ۾ سلينڊر ڌماڪي کان پوءِ باهه جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ 10 ٿي ويو   جڏهن ته 5 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.

ريسڪيو اختيارين موجب واقعي جي اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 جي ٽيمون ۽ فائر برگريڊ جو عملو واقعي واري هنڌ پهچي ويون جن  امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون، زخمين کي فوري طور تي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. شروعاتي ڄاڻ موجب هڪ ڳورهاري عورت ايمبولينس جي اندر موجود هئي جڏهن ته عملو آڪسيجن سلينڊر لڳائي رهيو هو انهي دوران سلينڊر ۾ ڌماڪي سبب باهه لڳي.

پوليس موجب فوت ٿي ويلن ۾ پي پي ايڇ آئي جو ڊسپينسر، ايمبولينس ڊرائيور، هڪ چوڪيدار ۽  هڪ ٻيو ملازم شامل آهن. ريسڪيو اختيارين جي ڏنل شروعاتي ڄاڻ موجب متاثرين ۾ ڳورهاري عورت ۽ انهي جا 2 تيماردار به شامل هئا. ڌماڪي کان پوءِ باهه لڳڻ جي ڪري ايمبولينس مڪمل طور تي سڙي تباهه ٿي وئي.

ريسڪيو انچارج موجب واقعي ۾ سخت زخمي ٿيل هڪ شخص سول اسپتال مٺي منتقل ڪرڻ دوران رستي ۾ فوت ٿي ويو جنهن کان پوءِ فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو آهي. شروعاتي رپورٽ موجب فوت ٿي ويل ماڻهن ۾ اسحاق ٿيٻو، دينو مينگهواڙ، پنڊي راڄڙ شامل آهن جڏهن ته ٻين ماڻهن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. ريسڪيو ٽيمن هڪ معصوم ٻار ۽ هڪ عورت سميت ڪيترن ئي زخمين کي به اسپتال منتقل ڪيو.

اسسٽنٽ ڪمشنر ننگرپارڪر موجب انتظاميه، صحت کاتي، ريسڪيو 1122 ۽ ٽائون اختياريون واقعي واري هنڌ موجود آهن، جڏهن ته امدادي سرگرميون جاري آهن، واقعي جا سبب ۽ ڌماڪي جي نوعيت بابت وڌيڪ تفصيل سامهون آندا ويندا.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%bf%d8%b1%d9%be%d8%a7%d8%b1%da%aa%d8%b1-%d8%a7%d8%b3%d9%be%d8%aa%d8%a7%d9%84-%d9%bb%d8%a7%d9%87%d8%b1%d8%a7%d9%86-%d8%a8%d9%8a%d9%ba%d9%84-%d8%a7%d9%8a%d9%85%d8%a8%d9%88%d9%84%d9%8a%d9%86%d8%b3/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون