Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
پاڪستان

جسٽس عائشه ملڪ: جنسي تشدد جو الزام متاثر عورتن تي وجهڻ واري سوچ بدلائڻي پوندي

شيئر ڪريو
جسٽس عائشه ملڪ: جنسي تشدد جو الزام متاثر عورتن تي وجهڻ واري سوچ بدلائڻي پوندي
Photo: Usman.pg / CC BY-SA 3.0, via Wikimedia Commons

سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس عائشه ملڪ چيو آهي ته جنسي تشدد جو شڪار عورتن کي ئي ڏوهي ٺهرائڻ واري سوچ تي نظرثاني جي ضرورت آهي.

هوءَ اسلام آباد ۾ صنفي تشدد جي عدالتن جي ججن جي رهنمائي لاءِ تيار ڪيل بينچ بڪ جي مهورت واري تقريب سان خطاب ڪري رهي هئي، جنهن جو بندوبست انساني حقن واري وزارت، ليگل ايڊ سوسائٽي ۽ يو اين ايف پي اي ڪيو. ان موقعي تي اهڙن ڪيسن ۾ سزا جي گهٽ شرح تي هڪ قومي تحقيق به جاري ڪئي وئي.

تنظيم ساحل جي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته 2026 جي پهرين ڇهن مهينن ۾ سڄي ملڪ ۾ صنفي تشدد جا 3 هزار 172 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن ۾ 280 ڏاڍائي ۽ 644 قتل جا واقعا شامل آهن.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/justice-ayesha-malik-rape-cases-bench-book/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

74 خبرون