Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
ڪراچي

ڪراچي ۾ گرم ۽ سڪو موسم، پارو 36 کان 38 ڊگري، نومبر تائين برسات جو امڪان ناهي

شيئر ڪريو
ڪراچي ۾ گرم ۽ سڪو موسم، پارو 36 کان 38 ڊگري، نومبر تائين برسات جو امڪان ناهي
Photo: Humayun Hasan / CC BY-SA 2.0, via Wikimedia Commons

ڪراچي ۾ اڱاري ۽ اربع تي ڏينهن جو گرمي پد 36 کان 38 ڊگري رهڻ جي اڳڪٿي آهي جيڪو سومر جي 37 کان 39 ڊگري جي ڀيٽ ۾ ٿورو گهٽ آهي.

محڪمه موسميات موجب سومر تي گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 23 ڊگري ۽ هوا ۾ گهم لڳ ڀڳ 29 سيڪڙو رهي. پهرين نومبر تائين ملڪ جي گهڻن حصن ۾ موسم سڪو رهندو ۽ سنڌ ۾ برسات جو امڪان ناهي.

گرمي جي لهر جي ڪا وارننگ جاري نه ڪئي وئي آهي، پر شهرين کي وڌيڪ پاڻي پيئڻ ۽ منجهند جو اُس کان بچڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/karachi-weather-36-38-dry-till-november/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

74 خبرون