شوبز پنجاب ۾ ملڪ جو پهريون فلم رائلٽي قانون ٺاهڻ جو حڪم

پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ملڪ جو پهريون فلم رائلٽي قانون تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ته جيئن تخليقڪارن کي سندن ڪم جي لاڳيتي استعمال تي آمدني ملي سگهي.
شوبز انڊسٽري ۾ رائلٽي جو مطالبو وڌي رهيو آهي. هدايتڪار سرمد کوسٽ هن ئي مهيني چيو هو ته ڪاش رائلٽي جو نظام هجي ها، جڏهن سندس مشهور ڊرامي 'همسفر' کي اسپيني ٻوليءَ ۾ رليز ڪيو ويو.
پنجاب سرڪار فلمي صنعت جي بحالي جي منصوبن تي به ڪم ڪري رهي آهي جن ۾ لاهور ۾ فلم سٽي جو قيام شامل آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/punjab-first-film-royalty-law/






