موسم سموگ جي واپسي، لاهور دنيا جو ٻيو آلوده ترين شهر

آءِ ڪيو ايئر موجب سومر تي لاهور دنيا جي وڏن شهرن ۾ هوائي آلودگيءَ جي لحاظ کان ٻئي نمبر تي رهيو ۽ ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 199 رڪارڊ ڪيو ويو.
سنها ذرڙا پي ايم 2.5 آلودگيءَ جو وڏو سبب رهيا. پنجاب ۾ ريڊنگز ۾ وڏو فرق رهيو، پاڪپتن ۾ 210 جڏهن ته ننڪاڻا صاحب ۾ 35 رڪارڊ ڪئي وئي.
موسم سڪو رهڻ جو امڪان آهي، لاهور ۾ ڏينهن جو گرمي پد 29 کان 31 ڊگري رهندو ۽ هوا صاف ڪندڙ برسات جو في الحال ڪو امڪان ناهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/lahore-second-most-polluted-city/




