موسم ملڪ ۾ موسم سڪو، اتر وارن علائقن ۾ صبحون ٿڌيون ٿيڻ لڳيون

محڪمه موسميات موجب ملڪ جي گهڻن حصن ۾ موسم سڪو رهندو، جڏهن ته اتر وارن علائقن ۾ جزوي ڪڪرن ۽ ٿڌي موسم جو امڪان آهي.
اربع جي صبح ڪراچي ۾ گرمي پد 27، لاهور ۾ 22، اسلام آباد ۾ 14، ڪوئيٽا ۾ 11 ۽ مري ۾ 9 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو.
هي فرق موسم جي تبديلي ڏيکاري ٿو، ڏکڻ ۾ گرمي برقرار آهي جڏهن ته اتر ۽ جبلن وارن علائقن ۾ راتيون ٿڌيون ٿي رهيون آهن.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/pmd-dry-weather-cold-mornings-north/




