ڪاروبار خليجي ملڪن سان پاڪستان جو واپاري خسارو 26 سيڪڙو گهٽجي ويو

جولاءِ کان سيپٽمبر جي ٽماهي ۾ خليجي ڀائيوار ملڪن سان پاڪستان جو واپاري خسارو 26 سيڪڙو گهٽجي 2 ارب 85 ڪروڙ ڊالر ٿي ويو.
خليجي ملڪ پاڪستان کي تيل فراهم ڪندڙ وڏن ذريعن ۾ شامل آهن ۽ لکين پاڪستاني مزدور به اتي ڪم ڪن ٿا جن جون موڪليل رقمون معيشت کي سهارو ڏين ٿيون.
معاشي ماهرن موجب خساري ۾ گهٽتائي سان پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن تي دٻاءُ گهٽجي ٿو، پر مستقل بهتري لاءِ رڳو درآمدات گهٽائڻ نه پر برآمدات وڌائڻ ضروري آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/pakistan-gulf-trade-gap-narrows/






