ڪراچي قيوم آباد کان ڪراچي پورٽ تائين ايليويٽڊ ڪوريڊور جو منصوبو سول سوسائٽي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي سول سوسائٽي تنظيمن قيوم آباد کان ڪراچي پورٽ تائين ايليويٽڊ ڪوريڊور ٺاهڻ جو منصوبو رد ڪري ڇڏيو آهي.
انهن جو چوڻ آهي ته هن منصوبي سان رستي جي آسپاس آبادين ۾ مسلسل گوڙ ۽ ماحولياتي نقصان ٿيندو ۽ رهاڪن جي پرائيويسي متاثر ٿيندي.
تنظيمن عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته منصوبو اڳتي وڌائڻ کان اڳ شهرين سان صلاح ڪئي وڃي ۽ متبادل رستن تي غور ڪيو وڃي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/qayyumabad-karachi-port-elevated-corridor/






