سائنس ۽ ٽيڪنالاجي پي ٽي اي کي 166 موبائيل سائيٽن تي خرابيون مليون، ڪمپنين کي درستي جو حڪم

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي سڄي ملڪ ۾ 166 موبائيل سائيٽن جي معائني ۾ ڪوريج جي کوٽ ۽ ڪال ۽ انٽرنيٽ جي خراب معيار جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ ڪمپنين کي مقرر مدت ۾ مسئلا حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
15 کان 22 آڪٽوبر تائين پي ٽي اي جي 12 زونل آفيسن ذريعي ڪيل معائني ۾ ڪراچي، ڪوئيٽا، فيصل آباد ۽ گلگت بلتستان سميت ڪيترائي علائقا شامل هئا.
سرڪاري انگن اکرن موجب 2026 جي ٻي ٽماهي ۾ 4G صارفين جي سراسري ڊائونلوڊ اسپيڊ 18.9 ايم بي پي ايس رهي. 5G سروس 24 شهرن ۾ موجود آهي پر صارفين جي ڪنيڪٽڊ وقت ۾ ان جو حصو رڳو 3.95 سيڪڙو آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/pta-mobile-network-issues-166-sites/






