شوبز ڪرينه ڪپور کي قرآني آيت وارو هار پائڻ تي قانوني نوٽيس جاري

ممبئي: بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره ڪرينه ڪپور کي ڏياري جي تقريبن ۾ آيت الڪرسي لکيل هار پائڻ تي قانوني نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪرينه ڪپور ڏياري جي موقعي تي سيف علي خان جي خاندان کان ورهاست ۾ ملندڙ قيمتي هار پاتو هو جنهن تي قرآن پاڪ جي آيت الڪرسي لکيل هئي.
اهو 30 قيراط زمرد جو هار بهوپال جي شاهي خاندان سان تعلق رکي ٿو جڏهن ته اداڪاره انهي سان گڏ تقريبن 200 سال پراڻي ڪلغي به پاتي هئي.
ڀارتي سياسي اڳواڻ عباس حفيظ مذهبي جذبات مجروح ٿيڻ جو موقف اختيار ڪندي اداڪاره ۽ انهي جي اسٽائلسٽ ريا ڪپور کي قانوني نوٽيس اماڻي ڇڏيو.
نوٽيس ۾ سوشل ميڊيا تان لاڳاپيل تصويرون ۽ وڊيوز هٽائڻ، عوامي معافي گهرڻ ۽ آئنده مقدس آيتن جو احترام يقيني بنائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
عباس حفيظ موجب اعتراض اداڪاره جي ڪپڙن يا ڏياري ملهائڻ تي نه آهي پر قرآني آيت کي فيشن جي طور تي پيش ڪرڻ تي آهي. اڃان تائين ڪرينه ڪپور يا سيف علي خان طرفان انهي معاملي تي ڪوبه رد عمل سامهون نه اچي سگهيو آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%da%aa%d8%b1%d9%8a%d9%86%d9%87-%da%aa%d9%be%d9%88%d8%b1-%da%a9%d9%8a-%d9%82%d8%b1%d8%a2%d9%86%d9%8a-%d8%a2%d9%8a%d8%aa-%d9%88%d8%a7%d8%b1%d9%88-%d9%87%d8%a7%d8%b1-%d9%be%d8%a7%d8%a6%da%bb-%d8%aa%d9%8a/






