پاڪستان پاڪستان ۾ هڪ لک 76 هزار واٽس ايپ اڪائونٽ بند

اسلام آباد : سائبر فراڊ جي روڪٿام لاءِ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ۽ ميٽا گڏيل ڪارروائي ڪندي ري سائيڪل ٿيل موبائل نمبرن تي رجسٽرڊ هڪ لک 76 هزار واٽس ايپ اڪائونٽس بند ڪري ڇڏيا آهن.
اختيارين موجب، سائبر فراڊ ۽ دوکي جي سرگرمين کي روڪڻ لاءِ اهڙن نمبرن تي رجسٽرڊ اڪائونٽس خلاف ڪارروائي جاري رهندي، جڏهن ته هر مهيني وڌيڪ 5 هزار موبائل نمبرن تي ڪارروائي ڪئي ويندي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%be%d8%a7%da%aa%d8%b3%d8%aa%d8%a7%d9%86-%db%be-%d9%87%da%aa-%d9%84%da%a9-76-%d9%87%d8%b2%d8%a7%d8%b1-%d9%88%d8%a7%d9%bd%d8%b3-%d8%a7%d9%8a%d9%be-%d8%a7%da%aa%d8%a7%d8%a6%d9%88%d9%86%d9%bd-%d8%a8/






