دنيا يورپ ۾ سائبر حملا، آئرلينڊ ۽ بيلجيم جي 28 سپر اسٽورز جو ڪولنگ سسٽم ناڪاره

بيلجيم: مختلف يورپي ملڪن ۾ سائبر حملن جي نتيجي ۾ سپر مارڪيٽس جا فرج ۽ ڪولنگ سسٽم خراب ٿي ويا، جنهن سبب خوراڪ کي محفوظ رکڻ ۽ انهي جي فراهمي متاثر ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي.
نجي چينل جي رپورٽ موجب سائبر حملن سبب سوئيڊن، بيلجيم ۽ لڪسمبرگ جا اسٽورز متاثر ٿيا آهن، آئرلينڊ جا 13 ۽ بيلجيم جي 15 اسٽورز جي ڪولنگ سسٽم ۾ خرابي پيدا ٿي، جنهن کان پوءِ اتي خوراڪ کي ٿڌو رکڻ جا انتظام متاثر ٿيا.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سوئيڊن ۾ ڪجهه فريزر جو گرمي پد 50 ڊگري تائين پهچي ويو اهڙي صورتحال تي يورپي اختيارين خوراڪ جي فراهمي متاثر ٿيڻ جي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
ياد رهي ته گذريل مهيني فرانس ۾ به سپر مارڪيٽن جا فرج هيڪ ڪرڻ جا واقعا سامهون آيا هئا، اهڙي نوعيت جي سائبر حملن جي خدشي کي نظر ۾ رکندي اسرائيل ۾ سپر مارڪيٽن ۽ فوڊ ڪمپنين کي به الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. تازن واقعن خوراڪ جي ورهاست ۽ ذخيرو ڪرڻ جي نظام تي سائبر حملن جي امڪاني اثرن جي حوالي سان ڳڻتي وڌائي ڇڏي آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%8a%d9%88%d8%b1%d9%be-%db%be-%d8%b3%d8%a7%d8%a6%d8%a8%d8%b1-%d8%ad%d9%85%d9%84%d8%a7%d8%8c-%d8%a2%d8%a6%d8%b1%d9%84%d9%8a%d9%86%da%8a-%db%bd-%d8%a8%d9%8a%d9%84%d8%ac%d9%8a%d9%85-%d8%ac%d9%8a-28/






