Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
پاڪستان

وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ باني جي خط کي اين آر او جي درخواست قرار ڏئي ڇڏيو

شيئر ڪريو
وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ باني جي خط کي اين آر او جي درخواست قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف باني جي چيف جسٽس کي لکيل خط تي رد عمل ڏيندي انهي کي اين آر او جي درخواست قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

وفاقي وزير پارلياماني معاملا ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ باني جو جيل  کان چيف جسٽس کي لکيل خط حقيقتن جي ابتڙ آهي بنيادي طور تي اهو خط اين آر او جي درخواست آهي.

طارق فضل چوڌري جو چوڻ هو ته ٻئي کي طعنيٰ ڏيندڙ اڄ پاڻ اين آر او جا طلبگار آهن، پي ٽي آءِ باني کي رليف صرف عدالتن کان ملي سگهي ٿو.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني ڪنهن سياسي انتقام جي نتيجي ۾ جيل ۾ نه آهي پر اهو 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ قيد آهي انهي جي بقول اهو ڪرپشن جو هڪ کليل ۽ واضح ڪيس آهي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%88%d9%81%d8%a7%d9%82%d9%8a-%d8%ad%da%aa%d9%88%d9%85%d8%aa-%d9%be%d9%8a-%d9%bd%d9%8a-%d8%a2%d8%a1%d9%90-%d8%a8%d8%a7%d9%86%d9%8a-%d8%ac%d9%8a-%d8%ae%d8%b7-%da%a9%d9%8a-%d8%a7%d9%8a%d9%86-%d8%a2/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون