ڪاروبار وفاقي حڪومت طرفان 8 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد جو فيصلو، ٽيون عالمي ٽينڊر جاري

اسلام آباد: وفاقي حڪومت ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ 8 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ٽيون عالمي ٽينڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت عالمي سپلائرز کان ٻوليون طلب ڪيون ويون آهن.
ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي پي) جي جاري ڪيل ٽينڊر دستاويزن موجب ڪڻڪ جي درآمد لاءِ ٻوليون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 30 نومبر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن منجهند 2:30 وڳي ٽيڪنيڪل ٻوليون کوليون وينديون. عالمي سپلائرز لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي فراهمي واري آڇ ڏيڻ لازمي قرار ڏني وئي آهي.
ٽينڊر جي شرطن موجب ڀارت، اسرائيل ۽ ٻين پابندي مڙهيل ملڪن مان ڪڻڪ درآمد ڪرڻ تي پابندي هوندي، جڏهن ته جنگ متاثر علائقن مان ڪڻڪ فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي متبادل ملڪن مان سپلاءِ جي آڇ پڻ ڏيڻي پوندي. ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي خواهشمند ڪمپنين لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پنجن سالن جو برآمدي تجربو ۽ گذريل پنجن سالن دوران گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار ٽن ڪڻڪ برآمد ڪرڻ جي شرط پڻ لاڳو ڪئي وئي آهي.
دستاويزن موجب درآمد ٿيندڙ ڪڻڪ سال 2026ع جي نئين فصل جي هئڻ گهرجي، جنهن ۾ نمي جي شرح 14.5 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هجي، پروٽين جي مقدار گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو ۽ ويٽ گلوٽن جي مقدار گهٽ ۾ گهٽ 23 سيڪڙو هجڻ لازمي قرار ڏني وئي آهي، جڏهن ته معيار تي پورو نه لهندڙ ڪڻڪ رد ڪئي ويندي.
ٽينڊر تحت ڪڻڪ جي فراهمي ٻن مرحلن ۾ ڪئي ويندي، پهرين مرحلي ۾ 4 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ 25 ڊسمبر 2026ع کان 5 جنوري 2027ع تائين پاڪستان رواني ڪرڻي پوندي، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ 4 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ 6 کان 15 جنوري 2027ع دوران رواني ڪئي ويندي.
ٽينڊر جي شرطن موجب 8 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ 15 فيبروري 2027ع تائين ڪراچي يا گوادر جي بندرگاهن تي پهچائڻ لازمي هوندي، مقرر وقت اندر ڪڻڪ فراهم نه ڪرڻ جي صورت ۾ روزانو في ٽن 25 آمريڪي سينيٽ جي حساب سان ابتدائي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%88%d9%81%d8%a7%d9%82%d9%8a-%d8%ad%da%aa%d9%88%d9%85%d8%aa-%d8%b7%d8%b1%d9%81%d8%a7%d9%86-8-%d9%84%da%a9-%d9%85%d9%8a%d9%bd%d8%b1%da%aa-%d9%bd%d9%86-%da%aa%da%bb%da%aa-%d8%af%d8%b1%d8%a2%d9%85/






