Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
دنيا

مڊٽرم چونڊ نتيجن کي قبول ڪريان ٿو، ايران جنگ ۽ مهانگائي ريپبلڪنز جي شڪست جو سبب بڻجي: ڊونلڊ ٽرمپ

شيئر ڪريو
مڊٽرم چونڊ نتيجن کي قبول ڪريان ٿو، ايران جنگ ۽ مهانگائي ريپبلڪنز جي شڪست جو سبب بڻجي: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن:آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي چونڊ نتيجا مڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هن چيو ته ايران جنگ ۽ مهانگائي ريپلڪنز جي شڪست جو سبب بڻجي.

نيويارڪ ٽائمز کي انٽرويو ڏيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته چونڊ نتيجن کي مڪمل طور تي مڃڻ لاءِ تيار آهيان، ڊيمو ڪريٽس سان گڏجي ڪنهن گڏيل لائحه عمل تي ڪم ڪري سگهجي ٿو.

هن چيو ته ڊيموڪريٽڪ پارٽي سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، ممڪن آهي ٻئي پارٽيون ڪنهن معاملي تي اتفاق راءِ پيدا ڪري وٺن.  انهي کان پوءِ وال اسٽريٽ جرنل کي انٽرويو ڏيندي آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته ايران جنگ ۽ مهانگائي ريپبلڪنز جي شڪست جو سبب بڻجي، پنهنجي ڪابينه ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي جو ارادو نٿو رکان. اميگريشن سميت ڪيترن ئي معاملن تي ڊيمو ڪريٽس سان گڏجي ڪم ڪري سگهان ٿو.

ٽرمپ چيو ته ڊيمو ڪريٽس جي چونڊ ڪارڪردگي جي تعريف ڪريان ٿو، ڊيموڪريٽس ڪيترن ئي معاملن تي تعاون ڪري سگهي ٿي. هن جو چوڻ هو ته ماڻهو پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جي ڊگهي اثرن کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هئا، چونڊ نتيجا ريپبلڪنز جي خلاف اچڻ ۾ ايران جنگ اهم رهي، ڊيمو ڪريٽس غير ضروري نوعيت جا بل پيش ڪندا ته انهن کي ويٽو ڪندس.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%85%da%8a%d9%bd%d8%b1%d9%85-%da%86%d9%88%d9%86%da%8a-%d9%86%d8%aa%d9%8a%d8%ac%d9%86-%da%a9%d9%8a-%d9%82%d8%a8%d9%88%d9%84-%da%aa%d8%b1%d9%8a%d8%a7%d9%86-%d9%bf%d9%88%d8%8c-%d8%a7%d9%8a%d8%b1%d8%a7/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون