پاڪستان موسمياتي تبديلين تي عالمي برادري ترقي يافته ملڪن سان ڪيل واعدا پورا ڪري: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلين تي عالمي برادري ترقي يافته ملڪن سان ڪيل واعدا پورا ڪري.
ترڪيه ۾ ڪوپ 31 ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي ڪاربن اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ جو ذميوار آهي پر انهي جي باوجود موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي.
هن چيو ته 2022 ۾ پاڪستان جو اڌ کان مٿي حصو ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويو هو، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا، ٻوڏ جي تباهين دوران ترڪيه پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل رهيو.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان ماحول دوست قدمن تي عمل ڪري رهيو آهي، موسمياتي تبديلي جي چيلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي عملي قدم کڻڻا پوندا، عالمي برادري ترقي يافته ملڪن سان ڪيل واعدا پورا ڪري.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%85%d9%88%d8%b3%d9%85%d9%8a%d8%a7%d8%aa%d9%8a-%d8%aa%d8%a8%d8%af%d9%8a%d9%84%d9%8a%d9%86-%d8%aa%d9%8a-%d8%b9%d8%a7%d9%84%d9%85%d9%8a-%d8%a8%d8%b1%d8%a7%d8%af%d8%b1%d9%8a-%d8%aa%d8%b1%d9%82%d9%8a/






