پاڪستان ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وفاق صوبن جا 35 ارب روپيه ڪٽي ڇڏيا

اسلام آباد: ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وفاقي حڪومت آئين پاڪستان 1973 جي آرٽيڪل 164 جي تحت چئني صوبن جي اين ايف سي حصي مان گرانٽ جي مد ۾ 35 ارب روپيه ڪٽي ڇڏيا آهن.
نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب ناڻي واري وزارت جي اعليٰ اختيارين تصديق ڪئي ته وفاقي حڪومت هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 2 مهينن جي دوران صوبن کان 34 ارب 839 ڪروڙ روپيه بطور گرانٽ وصول ڪيا آهن جنهن کي نان ٽيڪس روينيو(اين ٽي آر) جي طور تي ظاهر ڪيو ويو آهي.
بجيٽ 27-2026 پيش ڪرڻ کان اڳ وفاق ۽ چئني صوبن جي وچ ۾ اتفاق ٿيو هو ته صوبا آءِ ايم ايف جي 7 ارب ڊالر جي پروگرام جي تحت مالي سال 27-2026 ۾ وفاقي حڪومت جون مالي ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ پنهنجي اين ايف سي حصي مان 1035 ارب روپيه گرانٽ فراهم ڪندا
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%85%d9%84%da%aa%d9%8a-%d8%aa%d8%a7%d8%b1%d9%8a%d8%ae-%db%be-%d9%be%d9%87%d8%b1%d9%8a%d9%88%d9%86-%da%80%d9%8a%d8%b1%d9%88-%d9%88%d9%81%d8%a7%d9%82-%d8%b5%d9%88%d8%a8%d9%86-%d8%ac%d8%a7-35-%d8%a7/






