Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
ڪاروبار

معاشي ترقيءَ جي واڳ خانگي شعبي کي ڏيڻي پوندي: محمد علي

شيئر ڪريو
معاشي ترقيءَ جي واڳ خانگي شعبي کي ڏيڻي پوندي: محمد علي

اسلام آباد : وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي چيو آهي ته معاشي ترقيءَ جي واڳ خانگي شعبي کي ڏيڻي پوندي، نجڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاڪستان کي ايندڙ 20 کان 30 سالن ۾ حقيقي معاشي منزل تائين پهچائيندي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ محمد علي چيو ته ملڪ جا اصل ڪاروباري مرڪز ڪراچي، لاهور، سيالڪوٽ، ملتان ۽ فيصل آباد آهن، تنهن ڪري پاليسي سازيءَ ۾ خانگي شعبي کي شامل ڪرڻ لازمي آهي.هن چيو ته پاليسي سازيءَ ۾ تعليمي ۽ تحقيقي ادارا ٻيو اهم ٿنڀ آهن، پر يونيورسٽيون ۽ ٿنڪ ٽينڪ پاليسي ٺاهيندڙن کان ڪٽيل آهن.وزيراعظم جي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته تحقيق ۽ مشاورت کانسواءِ پائيدار پاليسي جوڙڻ ممڪن ناهي، جڏهن ته اختلاف راءِ کي دليل ۽ تعميري بحث ذريعي حل ڪرڻ گهرجي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%85%d8%b9%d8%a7%d8%b4%d9%8a-%d8%aa%d8%b1%d9%82%d9%8a%d8%a1%d9%8e-%d8%ac%d9%8a-%d9%88%d8%a7%da%b3-%d8%ae%d8%a7%d9%86%da%af%d9%8a-%d8%b4%d8%b9%d8%a8%d9%8a-%da%a9%d9%8a-%da%8f%d9%8a%da%bb%d9%8a-%d9%be/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون