Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
پاڪستان

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان سينگاپور جي پرڏيهي وزارت جي ملاقات، عالمي صورتحال سميت ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون

شيئر ڪريو
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان سينگاپور جي پرڏيهي وزارت جي ملاقات، عالمي صورتحال سميت ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون

راولپنڊي: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان سينگاپور جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر وويوين بالاڪرشنن جنرل هيڊ ڪوارٽرز(جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علاقائي ۽ عالمي سيڪيورٽي صورتحال  تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ علاقائي امن، استحڪام ۽ پاڪستان، سينگاپور جي وچ ۾ ٻطرفن تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي امڪانن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات جي دوران ٻنهي طرفان پاڪستان ۽ سينگاپور جي وچ ۾ رابطن ۽ تعميري تعاون وڌائڻ جي اهميت تي به زور ڏنو ويو. ڌرين انهي ڳالهه جي ارادي جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود دوستانه لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکيون وينديون.

آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سينگاپور سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ارادي جو اظهار ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو. انهي موقعي تي سينگاپور جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالاڪرشنن به پاڪستان سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ اڳيان وڌائڻ جي اظهار جو اظهار ڪيو ويو.

سينگاپور جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشوارانه صلاحيتن جي تعريف ڪندي علاقائي امن، استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي خدمتن جو به اعتراف ڪيو. ملاقات ۾ انهي ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۽ رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ اهميت جوڳي آهي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%81%d9%8a%d9%84%da%8a-%d9%85%d8%a7%d8%b1%d8%b4%d9%84-%d8%b3%d9%8a%d8%af-%d8%b9%d8%a7%d8%b5%d9%85-%d9%85%d9%86%d9%8a%d8%b1-%d8%b3%d8%a7%d9%86-%d8%b3%d9%8a%d9%86%da%af%d8%a7%d9%be%d9%88%d8%b1-%d8%ac/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون