Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
پاڪستان

فيلڊ مارشل سان ايراني پرڏيهي وزير جي ملاقات

شيئر ڪريو
فيلڊ مارشل سان ايراني پرڏيهي وزير جي ملاقات

راولپنڊي: فيلڊ مارش: عاصم منير سان ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي قيادت ۾ ايران جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ علاقائي سلامتي جي صورتحال ۽ تبديل ٿيندڙ جيو پوليٽيڪل اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، گڏيل سلامتي چيلنجز کي منهن ڏيڻ جي لا رستا ڳولا ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيون.

آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل علاقائي امن، استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ مسلسل رابطي، گڏيل ڀروسي ۽ ويجهي تعاون جي اهميت تي به زور ڏنو.

آءِ ايس پي آر موجب ايراني پرڏيهي وزير علاقائي امن، استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار جي تعريف ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو ويو.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%81%d9%8a%d9%84%da%8a-%d9%85%d8%a7%d8%b1%d8%b4%d9%84-%d8%b3%d8%a7%d9%86-%d8%a7%d9%8a%d8%b1%d8%a7%d9%86%d9%8a-%d9%be%d8%b1%da%8f%d9%8a%d9%87%d9%8a-%d9%88%d8%b2%d9%8a%d8%b1-%d8%ac%d9%8a-%d9%85%d9%84/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون