شوبز شفيع محمد شاهه کي وڇڙي 19 سال گذري ويا

ڪراچي: پاڪستاني ڊراما انڊسٽريءَ جي بي تاج بادشاهه ۽ منفرد اداڪاريءَ جي مالڪ ليجنڊ اداڪار شفيع محمد شاهه کي مداحن کان وڇڙي 19 سال گذري ويا، پر سندس ادا ڪيل ڪردار اڄ به ڏسندڙن جي دلين ۾ زنده آهن.1949ع ۾ سنڌ جي شهر ڪنڊياري ۾ جنم وٺندڙ شفيع محمد شاهه پنهنجي فني سفر جي شروعات ريڊيو پاڪستان کان ڪئي، جنهن کانپوءِ پي ٽي وي جي اسڪرين تي پنهنجي جاندار اداڪاري ۽ بارعب آواز سان لازوال نقش ڇڏيا.’چاند گرهن‘، ’آنچ‘، ’ماروي‘ ۽ ’جانگلوس‘ جهڙن يادگار ڊرامن ۾ سندس اداڪاري اڄ به فن جي شاگردن لاءِ مشعل راهه آهي. فني خدمتن جي اعتراف ۾ حڪومت پاڪستان کيس تمغه حسن ڪارڪردگيءَ سان پڻ نوازيو هو.17 نومبر 2007ع تي ڪينسر جهڙي موذي مرض سان وڙهندي هو لاڏاڻو ڪري ويو. شفيع محمد شاهه اڄ اسان ۾ موجود ناهي، پر سندس لازوال اداڪاري ۽ سحرانگيز آواز سدائين گونجندو رهندو.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b4%d9%81%d9%8a%d8%b9-%d9%85%d8%ad%d9%85%d8%af-%d8%b4%d8%a7%d9%87%d9%87-%da%a9%d9%8a-%d9%88%da%87%da%99%d9%8a-19-%d8%b3%d8%a7%d9%84-%da%af%d8%b0%d8%b1%d9%8a-%d9%88%d9%8a%d8%a7/






