Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
سنڌ

شاهراهه ڀٽو کي ماڊل ايڪسپريس وي ٺاهڻ لاءِ سنڌ حڪومت جا وڏا فيصلا

شيئر ڪريو
شاهراهه ڀٽو کي ماڊل ايڪسپريس وي ٺاهڻ لاءِ سنڌ حڪومت جا وڏا فيصلا

ڪراچي: سنڌ حڪومت شاهراهه ڀٽو کي ماڊل ايڪسپريس وي ٺاهڻ جي لاءِ وڏا فيصلا ڪري ورتا آهن. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار جي صدارت  هيٺ شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي منصوبي بابت اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي منصوبو نهايت اهم ۽ انهي جي سيڪيورٽي انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي هڪ نئون پروجيڪٽ آهي سنڌ حڪومت جو انهي تي خصوصي ڌيان آهي، سنڌ جي گهرو وزير شاهراهه ڀٽو جي لاءِ 2 موبائل مڪينڪ ورنز جلد کان جلد تيار ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته شاهراهه ڀٽو تي اوچتو خراب ٿيل گاڏين جي لاءِ ٽو وهيڪل جو به انتظام ڪيو وڃي.

صوبائي گهرو وزير چيو ته شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي کي هڪ ماڊل روڊ ٺاهڻو آهي، انهي قدم جو مقصد اهڙن روڊن کي صوبي جي ٻين ضلعن تائين هٿي ڏيڻ آهي، هن هدايت ڪئي ته شاهراهه ڀٽو جي داخلي، خارجي رستن ۽ ٻين هنڌن تي باقاعده مارڪنگ ڪري سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ جا قدم کنيا وڃن ۽ انهن ڪيمرن کي سيف سٽي پروجيڪٽ /ايس 4 جو حصو بنايو وڃي.

ضياءُالحسن لنجار چيو ته لاڳاپيل ادارا گڏيل رابطي ۽ موثر حڪمت عملي جي تحت  اڳڀرائي يقيني بنائين، ترقياتي منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل کاتن جي وچ ۾ رابطه ڪاري ۽ تعاون ضروري آهي، شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي منصوبي بابت معاملن کي موثر انداز ۾ اڳيان وڌائڻ جي لاءِ لاڳاپيل اختياريون پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b4%d8%a7%d9%87%d8%b1%d8%a7%d9%87%d9%87-%da%80%d9%bd%d9%88-%da%a9%d9%8a-%d9%85%d8%a7%da%8a%d9%84-%d8%a7%d9%8a%da%aa%d8%b3%d9%be%d8%b1%d9%8a%d8%b3-%d9%88%d9%8a-%d9%ba%d8%a7%d9%87%da%bb-%d9%84%d8%a7/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون