ڪاروبار سوئي گيس ڪمپنين گيس مهانگو ڪرڻ جون درخواستون اوگرا ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون

اسلام آباد: سوئي ناردرن ۽ سوئي سدرن گيس ڪمپنين گيس جي قيمتن ۾ اضافي جي لاءِ درخواستون اوگرا ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن.
سوئي گيس ڪمپنين گيس جي قيمتن ۾ اضافو هلندڙ مالي سال پهرين جولاءِ کان لاڳو ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. سوئي ناردرن گيس جي قيمت ۾ 10 روپيه في ايم ايم بي ٽي يو اضافي جي تجويز ڏني آهي جنهن کان پوءِ اوسط قيمت 1702 روپين مان وڌائي 1712 روپيه 40 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
ٻئي طرف سوئي سدرن گيس جي اوسط قيمت ۾ 366 روپيه 75 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو اضافي درخواست ڪئي وئي آهي، درخواست ۾ اوسط قيمت 2071 روپيه 75 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
سوئي ناردرن گڏيل گيس قيمت ۾ ايل اين جي سروس جي لاڳت جا 60 ارب 14 ڪروڙ 70 روپيه به شامل ڪيا آهن. درخواست موجب سوئي ناردرن جي لاءِ ايل اين جي جي لاڳت 471 روپيه 16 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو ٿيندي.
سوئي ناردرن جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سياري جي موسم ۾ مقامي گيس جي محدود دستيابي سبب اضافي گيس جا انتظام ڪرڻا پوندا، انهي مقصد جي لاءِ ايل اين جي جا 16 ڪارگوز جي ضرورت پوندي.
سوئي گيس ڪمپنين عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ واري تيل جي قيمتن ۾ اضافي کي به گيس مهانگي ٿيڻ جو سبب قرار ڏنو آهي. اوگرا سوئي ناردرن ۽ سوئي سدرن جي درخواست تي ٻڌڻي کان پوءِ گيس جي قيمتن بابت فيصلو ڪندو.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b3%d9%88%d8%a6%d9%8a-%da%af%d9%8a%d8%b3-%da%aa%d9%85%d9%be%d9%86%d9%8a%d9%86-%da%af%d9%8a%d8%b3-%d9%85%d9%87%d8%a7%d9%86%da%af%d9%88-%da%aa%d8%b1%da%bb-%d8%ac%d9%88%d9%86-%d8%af%d8%b1%d8%ae%d9%88/






