Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
سنڌ

سنڌ حڪومت ٿرپارڪر کي آفت سٽيل ضلعو قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو، 90 سيڪڙو فصل تباهه

شيئر ڪريو
سنڌ حڪومت ٿرپارڪر کي آفت سٽيل ضلعو قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو، 90 سيڪڙو فصل تباهه

ڪراچي: (ڇنڇر: 07 نومبر 2026ع)   سنڌ حڪومت خشڪ جهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ٿرپارڪر کي آفت سٽيل ضلعو قرار ڏئي ڇڏيو.

سنڌ جي وڏي وزير خشڪي جهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدمن جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٿرپارڪر جي سمورن 7 تعلقن ۾ خشڪي جهڙي صورتحال آهي، جتي 85 کان 90 سيڪڙو فصل تباهه يا غير پيداواري ٿي چڪا آهن، زرعي کاتي موجب  فصلن کي تقريبن 90 سيڪڙو نقصان پهتو آهي.

بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سيپٽمبر 2026 ۾ ٿرپارڪر جي ستن تعلقن مان صرف هڪ ۾ 36  ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي، غير متوازن برسات سبب فصل ۽ قدرتي گاهه پچڻ کان اڳ ئي خشڪ ٿي ويون.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته ٿرپارڪر جي عوام کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي يقيني بنائي وڃي، غير فعال آر او پلانٽس جي فوري مرمت ڪري انهن کي فعال ڪيو وڃي ۽ پاڻي جي فراهمي جا سمورا موجوده ذريعا بحال ڪيا وڃن.

وزيراعليٰ چيف سيڪريٽري کي نئون ڪوٽ کان مٺي تائين پاڻي جي لائن وڇائڻ جي فزيبلٽي جو جائزو وٺڻ ۽ پاڻي جي فراهمي لاءِ ڊگهي مدي واري منصوبه بندي ڪرڻ جي هدايت به ڪئي.

مراد علي شاهه خشڪي سبب متاثر ٿيل چوپائي مال جي تحفظ لاءِ قدمن بابت سفارشون تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته خشڪ سالي سبب متاثر علائقن ۾ امدادي قدمن جي مسلسل نگراني ڪئي وڃي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٿرپارجي متاثر عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، سنڌ حڪومت هر ممڪن مدد فراهم ڪندي، عوام کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي، چوپائي مال جو تحفظ ۽ متاثر خاندانن کي رليف ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b3%d9%86%da%8c-%d8%ad%da%aa%d9%88%d9%85%d8%aa-%d9%bf%d8%b1%d9%be%d8%a7%d8%b1%da%aa%d8%b1-%da%a9%d9%8a-%d8%a2%d9%81%d8%aa-%d8%b3%d9%bd%d9%8a%d9%84-%d8%b6%d9%84%d8%b9%d9%88-%d9%82%d8%b1%d8%a7%d8%b1/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون