ڪاروبار سستي بجلي جي ورهاست ۾ ناڪامي: عوام ڳري قيمت ادا ڪرڻ تي مجبور

اسلام آباد: نيشنل گرڊ ڪمپني جي ورهاست واري نظام ۾ مسلسل ناڪامي پاڪستان ۾ بجلي جي قيمتن کي برداشت نه ڪرڻ جوڳي حد تائين وڌائي ڇڏيو آهي.
نجي ٽي جي رپورٽ موجب سنڌ ۽ ڏکڻ پاڪستان ۾ پيدا ٿيل سستي بجلي جي وڏي مرڪزن تائين ورهاست ۾ رنڊڪون پيش آهن، نيشنل گرڊ ڪمپني(اين جي سي) جو انفرا اسٽرڪچر ڪمزور ٿيڻ سبب مقامي سطح تي پيدا ٿيل وڏي مقدار ۾ بجلي کي قومي گرڊ ۾ شامل ڪري صارفين تائين پهچائڻ مشڪل ٿي چڪو آهي.
انهي ٽيڪنيڪي معطلي سبب بجلي جي پيداوار لاءِ مجبورن مهانگي آر ايل اين جي ۽ درآمدي ڪوئلي جو سهارو ورتو پيو وڃي جنهن جي جي نتيجي ۾ ٿر جي ڪوئلي، ايٽمي توانائي ۽ ونڊ پاور کان حاصل ٿيندڙ سستي بجلي جو وڏو حصو ضايع ٿي رهيو آهي. انهي ناڪامي سبب توانائي جو بحران وڌيڪ سخت ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري عوام ڳري قيمت جي عيوض بجلي خريد ڪرڻ تي مجبور آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b3%d8%b3%d8%aa%d9%8a-%d8%a8%d8%ac%d9%84%d9%8a-%d8%ac%d9%8a-%d9%88%d8%b1%d9%87%d8%a7%d8%b3%d8%aa-%db%be-%d9%86%d8%a7%da%aa%d8%a7%d9%85%d9%8a-%d8%b9%d9%88%d8%a7%d9%85-%da%b3%d8%b1%d9%8a-%d9%82/






