Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
شوبز

سارا خان ٻي ڌيءَ جو چهرو ڏيکاري ڇڏيو، تصويرون وائرل

شيئر ڪريو
سارا خان ٻي ڌيءَ جو چهرو ڏيکاري ڇڏيو، تصويرون وائرل

ڪراچي: پاڪستاني اداڪارا سارا خان پنهنجي ٻيءَ ڌيءَ جو چهرو پهريون ڀيرو دنيا آڏو آڻي ڇڏيو، جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.تازو اداڪارا هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي ميزبان جي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي هن پنهنجي خاندان بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي.پروگرام دوران سارا خان پنهنجي ٻيءَ ڌيءَ رانيا فلڪ جون تصويرون شيئر ڪيون.سارا خان چيو ته اڄ پهريون ڀيرو هوءَ پنهنجي ڌيءَ جو مڪمل چهرو دنيا آڏو ڏيکاري رهي آهي.واضح رهي ته سارا خان 2020ع ۾ گلوڪار فلڪ شبير سان شادي ڪئي هئي ۽ هن جوڙي کي ٻه ڌيئرون اليانا فلڪ ۽ رانيا فلڪ آهن.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b3%d8%a7%d8%b1%d8%a7-%d8%ae%d8%a7%d9%86-%d9%bb%d9%8a-%da%8c%d9%8a%d8%a1%d9%8e-%d8%ac%d9%88-%da%86%d9%87%d8%b1%d9%88-%da%8f%d9%8a%da%a9%d8%a7%d8%b1%d9%8a-%da%87%da%8f%d9%8a%d9%88%d8%8c-%d8%aa-2/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون