Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
دنيا

حوثي حملي جو خطرو، آمريڪا پاران عملي کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم

شيئر ڪريو
حوثي حملي جو خطرو، آمريڪا پاران عملي کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم

واشنگٽن: آمريڪي سفارتخاني سعودي عرب ۾ مقرر پنهنجي غير هنگامي سرڪاري عملي ۽ انهن جي گهر ڀاتين کي سيڪيورٽي خدشن سبب ملڪ ڇڏڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي.اهو فيصلو سعودي عرب تي حوثي حملن ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جي خدشڻ کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. خبرن موجب رياض ۾ آمريڪي سفارتخاني سعودي عرب ۾ پنهنجي سفارتي مشنز جي لاءِ سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪيو آهي. انهي ۾ چيو ويو آهي ته ايران جي حمايت يافته حوثي سعودي عرب جي خلاف ڪارروايون ڪري رهيا آهن جن ۾ شهري هوائي اڏن ۽ ٻين اهم ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ جا حملا به شامل آهن.آمريڪي سفارتخاني جي سيڪيورٽي آگاهي موجب اهڙن حملن جي نتيجي ۾ شهرين جي فوت ٿيڻ ۽ زخمي ٿيڻ جا واقعا پيش آيا آهن، جڏهن ته فضائي سفير به سخت متاثر ٿيو آهي. آگاهي ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته اها ڇڪتاڻ پنهنجي موجوده دائري کان اڳيان تيزي سان پکڙجي سگهي ٿي.سفارتخاني وڌيڪ هدايت ڪئي آهي ته سعودي عرب ۾ موجود آمريڪي سرڪاري اهلڪار حوثي حملن کان پوءِ ڪنهن به سعودي هوائي اڏي جي استعمال کان اڳ مشن جي سربراهه کان اجازت حاصل ڪري ۽ چرپر جي دوران انتهائي احتياط کان ڪم وٺي. آمريڪي اختيارين طرفان اهي قدم سعودي عرب ۾ سيڪيورٽي صورتحال ۽ خطي ۾ امڪاني ڇڪتاڻ جي خدشن کي ظاهر ڪن ٿا.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%ad%d9%88%d8%ab%d9%8a-%d8%ad%d9%85%d9%84%d9%8a-%d8%ac%d9%88-%d8%ae%d8%b7%d8%b1%d9%88%d8%8c-%d8%a2%d9%85%d8%b1%d9%8a%da%aa%d8%a7-%d9%be%d8%a7%d8%b1%d8%a7%d9%86-%d8%b9%d9%85%d9%84%d9%8a-%da%a9%d9%8a/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون