دنيا ترڪي جي پارليامينٽ دفاعي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي

انقره: ترڪيه جي پارليامينٽ پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ مڪي گڏيل دفاعي معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي. ترڪ ميڊيا موجب 600 ميمبرن واري ترڪ پارليامينٽ ۾ معاهدي جي حق ۾ 279 ووٽ پيا، جڏهن ته 119 ميمبرن مخالفت ڪئي. ووٽنگ جي عمل ۾ مجموعي طور 398 ميمبرن حصو ورتو.ترڪ پارليامينٽ جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته هي اتحاد مڪمل طور دفاعي نوعيت جو آهي ۽ ان جو مقصد ڪنهن ٻئي ملڪ تي حملو ڪرڻ ناهي.حڪمران جماعت جسٽس اينڊ ڊولپمينٽ پارٽي جي ميمبر ضيا آلتونيالدز چيو ته معاهدي جو مقصد خطي ۾ سلامتيءَ جي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ آهي.ياد رهي ته ترڪيه، پاڪستان ۽ سعودي عرب 7 آگسٽ تي مڪي مڪرمہ ۾ ان معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون. تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردگان پڻ شرڪت ڪئي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%aa%d8%b1%da%aa%d9%8a-%d8%ac%d9%8a-%d9%be%d8%a7%d8%b1%d9%84%d9%8a%d8%a7%d9%85%d9%8a%d9%86%d9%bd-%d8%af%d9%81%d8%a7%d8%b9%d9%8a-%d9%85%d8%b9%d8%a7%d9%87%d8%af%d9%8a-%d8%ac%d9%8a-%d9%85%d9%86%d8%b8/






