Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
پاڪستان

تربيلا حادثو: 82 ارب روپين جو منصوبو 200 ارب تائين پهچڻ جو امڪان

شيئر ڪريو
تربيلا حادثو: 82 ارب روپين جو منصوبو 200 ارب تائين پهچڻ جو امڪان

اسلام آباد: تربيلا پنجين توسيعي منصوبي ۾ پاڻي داخل ٿيڻ جي واقعي سان تعميراتي سرگرميون متاثر ٿي ويون آهن، جڏهن ته آبي وسيلن واري وزير ۽ وزيراعظم آفيس حادثي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب تعميرات غير معياري هئي يا حادثو قدرتي هو، انهي حوالي سان جاچ ۾ غور جاري آهي، واپڊا ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ مڪمل جاچ ڪرائي ويندي. اڄ واقعي جي مڪمل اسيسمنٽ کان پوءِ باقاعده انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ جو به امڪان آهي.

دستاويزات موجب تربيلا پنجين توسيعي منصوبي جي شروعاتي منظور ٿيل لاڳت 82 ارب 36 ڪروڙ روپيه هئي، پر منصوبي تي جنوري 2026 تائين 153 ارب 95 ڪروڙ روپيه خرچ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اهڙي طرح منصوبي تي شروعاتي منظور ٿيل لاڳت کان 71 ارب 59 ڪروڙ روپيه وڌيڪ خرچ ٿي چڪا هئا.

دستاويزات موجب منصوبي جو تعميراتي ڪم آگسٽ 2021 ۾ شروع ٿيو، جڏهن ته جنوري جي رپورٽ ۾ مڪمل ٿيڻ جي تاريخ مئي 2027  مقرر ڪئي وئي هئي، منصوبي ۾ 1530 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جا 3 يونٽ لڳائڻا آهن. پر منصوبي جي پوري ٿيڻ ۾ دير سبب اڳوڻي مشاورتي ڪمپني جو معاهدو جون 2024 ۾ ختم ڪيو ويو، منصوبي جي باقي رهيل ڪم جي نگراني لاءِ نئين مشاورتي ڪمپنين جون خدمتون حاصل ڪيون ويون.

واپڊا موجب رابطو سرنگ جي کوٽائي دوران ڇپ جو ڪمزور حصو ڪرڻ سبب پاڻي داخل ٿيو، حادثي ۾ ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو ۽ اهم شيون محفوظ آهن. ماهرين جو چوڻ آهي ته منصوبي جي تعميراتي اڳڀرائي، وڌندڙ لاڳت ۽ تازو حادثي کان پوءِ حفاظتي انتظامن جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. تربيلا منصوبي ۾ پيش آيل واقعي جا ٽيڪنيڪي سبب ڄاڻڻ جي لاءِ آزادانه جاچ جي ضرورت آهي. جڏهن ته حفاظتي انتظام، تعميراتي معيار ۽ حادثي جي امڪاني مالي اثرن جو تفصيلي جائزو وٺڻ تي به زور ڏنو ويو آهي.

حادثي کان پوءِ منصوبي جو پي سي ون تبديل ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته منصوبي جي لاڳت وڌيڪ وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ٽي 5 منصوبي جي لاڳت 200 ارب روپين کان وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان آهي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%aa%d8%b1%d8%a8%d9%8a%d9%84%d8%a7-%d8%ad%d8%a7%d8%af%d8%ab%d9%88-82-%d8%a7%d8%b1%d8%a8-%d8%b1%d9%88%d9%be%d9%8a%d9%86-%d8%ac%d9%88-%d9%85%d9%86%d8%b5%d9%88%d8%a8%d9%88-200-%d8%a7%d8%b1%d8%a8/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون