پاڪستان بلوچستان ۾ ڪارروايون، 2 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئيٽا: بلوچستان جي ضلعي ڪيچ جي علائقي دشت، بال نگور ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو.آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.آپريشن دوران مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان جديد هٿيار، مواصلاتي سامان ۽ روڪ رقم پڻ هٿ ڪئي وئي.هٿ آيل روڪ رقم ۾ عام بلوچ شهرين کان ڦريل رقم پڻ شامل آهي.آپريشن کانپوءِ علائقي ۾ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a8%d9%84%d9%88%da%86%d8%b3%d8%aa%d8%a7%d9%86-%db%be-%da%aa%d8%a7%d8%b1%d8%b1%d9%88%d8%a7%d9%8a%d9%88%d9%86%d8%8c-2-%d8%af%d9%87%d8%b4%d8%aa%da%af%d8%b1%d8%af-%d9%85%d8%a7%d8%b1%d8%ac%d9%8a-%d9%88/






