ڪاروبار بجلي صارفين تي 29 ارب 80 ڪروڙ روپيه اضافي بار پوڻ جو امڪان

اسلام آباد: سموري ملڪ جي بجلي صارفين لاءِ آڪٽوبر جي ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي تحت بجلي 2 روپيه 88 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي.
سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي(سي پي پي اي) بجلي جي قيمت ۾ اضافي لاءِ درخواست نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.
درخواست موجب آڪٽوبر جي دوران بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين(ڊسڪوز) کي 10 ارب 35 ڪروڙ يونٽ بجلي وڪرو ڪئي وئي. نيپرا اختيارين موجب بجلي جي قيمت ۾ اضافي بابت درخواست تي 26 نومبر تي ٻڌڻي ڪئي ويندي جنهن ۾ سي پي پي اي طرفان پيش ڪيل انگن اکرن جي موقف جو جائزو ورتو ويندو.
ذريعن موجب درخواست جي منظوري جي صورت ۾ بجلي صارفين تي گڏيل طور تي 29 ارب 80 ڪروڙ روپين جو اضافي بار پوڻ جو امڪان آهي پر حتمي فيصلو نيپرا طرفان ٻڌڻي کان پوءِ کان پوءِ جاري ڪيو ويندو.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a8%d8%ac%d9%84%d9%8a-%d8%b5%d8%a7%d8%b1%d9%81%d9%8a%d9%86-%d8%aa%d9%8a-29-%d8%a7%d8%b1%d8%a8-80-%da%aa%d8%b1%d9%88%da%99-%d8%b1%d9%88%d9%be%d9%8a%d9%87-%d8%a7%d8%b6%d8%a7%d9%81%d9%8a-%d8%a8%d8%a7/






