Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
دنيا

اٽلي، اسڪاٽ لينڊ ۽ آئرلينڊ جي هزارين اسڪولن کي بم سان اڏائڻ جون ڌمڪيون، ڪيترائي اسڪول خالي ڪرايا ويا

شيئر ڪريو
اٽلي، اسڪاٽ لينڊ ۽ آئرلينڊ جي هزارين اسڪولن کي بم سان اڏائڻ جون ڌمڪيون، ڪيترائي اسڪول خالي ڪرايا ويا

اٽلي: اٽلي، اسڪاٽ لينڊ ۽ آئرلينڊ جي هزارين اسڪولن کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪين کان پوءِ ڪيترائي اسڪول خالي ڪرايا ويا آهن.

اٽلي جي تقريبن 6 هزار 300 سرڪاري اسڪولن کي بم سان اڏائڻ جون ڌمڪيون مليون پر تعليم واري وزير جوسيپي ولڊيتا راءِ چيو آهي ته اهي واقعا امڪاني طور تي هڪ سائبر حملو آهن، انهي ۾ ڪوبه حقيقي خطرو نه آهي. ولڊيتاراءِ اطالوي ٽي وي کي ٻڌايو ته اٽلي ۽ يورپ جي ٻين  حصن ۾ اڏامون، سپر مارڪيٽون ايستائين جو اسپتالن کي به نشانو بنائڻ واري ڌمڪين جي انهي تازي سلسلي جي پٺيان هڪ واضح حڪمت عملي آهي.

ٻئي طرف اسڪاٽ لينڊ ۽ اتر آئرلينڊ جي 700 کان وڌيڪ اسڪولن کي به بم سان اڏائڻ جون ڌمڪيون مليون آهن پر اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته اهڙن سمورن واقعن جو پاڻ ۾  ڪو تعلق آهي يا نه. اٽلي ۾ احتياطي تدبيرن جي طور تي ڪيترن ئي اسڪولن کي خالي ڪرايو ويو آهي پر اطالوي وزيراعظم جارجيا ميلوني جو چوڻ آهي ته هنيئر تائين جي ڪيل جانچ ۾ ڪنهن به حقيقي خطري جو ڪوبه پڪو ثبوت نه مليو آهي. هن فيس بڪ تي لکيو ته اهي ڌمڪيون ظاهري طور خوف حراس ۽ ڳڻتي پکيڙڻ جي حڪمت عملي سان جڙيل لڳي رهيون آهن.

اطالوي اختيارين موجب اربع جي ڏينهن گڏيل طور تي 7 هزار 476 سرڪاري اسڪولن مان 6 هزار 300 اسڪولن کي هڪ ئي  اي ميل اماڻي وئي جڏهن ته نجي اسڪول انهي کان محفوظ رهيا. مبينه طور تي اهو پيغام ڪنهن فرضي ولايت ميسوجنستان جي اڳواڻ  ميخائل آندروپوف طرفان اماڻيو ويو جنهن ڪيترن ئي اسڪولن ۾ خوف حراس پکيڙي ڇڏيو.

اسڪاٽ لينڊ ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 470 اسڪولن کي اها اي ميل ملي پر  اهڙين ڌمڪين جي فوري طور تي جانچ کان پوءِ ڪوڙو قرار ڏنو ويو ۽ ڪنهن به قسم جي خطري جون  شاهديون نه مليون. اهڙي طرح اتر آئرلينڊ ۾ 300 ڌمڪيون ملڻ کان پوءِ تعليم کاتي جي اختيارين اسڪولن کي هدايت ڪئي آهي ته جيستائين پوليس طرفان ڪا ٻئي هدات نه ملي اسڪولن کي کليل رکيو وڃي.

ياد رهي ته گذريل مهيني به اي ميل جي ذريعي ملندڙ ڌمڪين کان پوءِ خطي جا ڪيترائي اسڪول بند ڪيا ويا هئا جڏهن ته گذريل ڏينهن بم رکڻ جي خبرن کان پوءِ يورپ ۾ ڪيترن ئي هوائي جهازن کي ويجهن ايئرپورٽس تي هنگامي لينڊنگ ڪرڻي پئي هئي پر بم جون سموريون اطلاعون ڪوڙيون ثابت ٿيون.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a7%d9%bd%d9%84%d9%8a%d8%8c-%d8%a7%d8%b3%da%aa%d8%a7%d9%bd-%d9%84%d9%8a%d9%86%da%8a-%db%bd-%d8%a2%d8%a6%d8%b1%d9%84%d9%8a%d9%86%da%8a-%d8%ac%d9%8a-%d9%87%d8%b2%d8%a7%d8%b1%d9%8a%d9%86-%d8%a7%d8%b3/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون