Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
دنيا

اسرائيلي چونڊن کان پوءِ 90 سيڪڙو ووٽن جي ڳڻپ مڪمل، نيتن ياهو سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام

شيئر ڪريو
اسرائيلي چونڊن کان پوءِ 90 سيڪڙو ووٽن جي ڳڻپ مڪمل، نيتن ياهو سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام

تل ابيب: اسرائيل ۾ عام چونڊن جي شروعاتي نتيجن وزيراعظم بن يامين ياهو جي سياسي مستقبل تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. 90 سيڪڙو ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ  نيتن ياهو جو چونڊ اتحاد سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيو آهي، جڏهن ته اپوزيشن ۽ عرب پارٽين جون سيٽون نئين حڪومت جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.

چونڊ نتيجن موجب 120 رڪني اسرائيلي پارليامينٽ ۾ نيتن ياهو جي اتحاد کي 53 سيٽون ملڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته اپوزيشن اتحاد 48 سيٽون حاصل ڪري سگهي ٿو. عرب پارٽين جي اتحاد قائم المشترڪه کي 12 ۽ قائمه العربيه کي 7 سيٽون ملڻ جو امڪان آهي، اهڙي طرح عرب پارٽين جون امڪاني گڏيل 19 سيٽون حڪومت سازي جي لاءِ اهم بڻجي سگهن ٿيون، جڏهن ته ٻئي وڏا سياسي اتحاد انهن کي پنهنجي مخلوط حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جا حامي نه آهن.

نيتن ياهو جي ليڪود پارٽي 26 سيٽن سان سڀني کان وڏي پارٽي بڻجي اڀري آهي، پر انهي جي سخت گير اتحادي اتمارين گوير ۽ بيزليل سموٽرچ جي پارٽين کي نقصان کڻڻو پيو آهي.  گذريل پارليامينٽ ۾ ٻنهي پارٽين وٽ گڏيل طور تي 20 سيٽون هيون، جيڪو هاڻ گهٽ ٿي 13 رهجي وڃڻ جو امڪان آهي، ٻئي اڳواڻ غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائين جي حمايت ڪندا رهيا آهن.

ٻئي طرف اپوزيشن ۾ اڳوڻي اسرائيلي آرمي چيف گادي آئزن ڪوٽ جي نئين پارٽي ياشار کي 21 سيٽون ملڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته يائر ليپڊ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نقتالي يبنيٽ سان جڙيل پارٽين کي گڏيل طور تي 12 سيٽون ملڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

چونڊن ۾ ووٽنگ جو تناسب 78 سيڪڙو رهيو، اسرائيل ۾ ترسيل عرب شهرين به وڏي تعداد ۾ ووٽ وڌا، جنهن سان عرب پارٽين جي پارلياماني پوزيشن مضبوط ٿي. ماضي ۾ تفتالي بينٽ 2021 ۾ عرب پارٽين کي پنهنجي مخلوط حڪومت ۾ شامل ڪيو هو. پر  هن ڀيري عرب پارٽين کي حڪومت سازي ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان سياسي پريشانيون برقرار آهن.

اپوزيشن اڳواڻ گادي آئزن ڪوٽ دعويٰ ڪئي آهي ته عوامي مينڊيٽ نيتن ياهو جي خلاف آهي. هن نيتن ياهو کي خبردار ڪندي چيو ته اهو اسرائيلي فوج کي پنهنجي سياسي مقصد جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي وڌيڪ ڪوشش نه ڪري. اسرائيل ۾ متناسب نمائندگي جو چونڊ نظام لاڳو آهي، جنهن جي تحت ووٽر ڪنهن اميدوار جي بجاءِ سياسي پارٽي کي ووٽ ڏيندا آهن ۽ پارٽي کي حاصل ووٽن جي حوالي سان پارلياماني سيٽون ڏنيون وينديون آهن. موجوده  نيتجن جي روشني ۾   نيتن ياهو جي ليڪود پارٽي سڀني کان  وڏي پارٽي هجڻ جي باوجود حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ گهربل اڪثريت کان پري نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته حتمي سياسي منظر نامو  اتحادي پارٽين جي فيصلن تي ٻڌل هوندو.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a7%d8%b3%d8%b1%d8%a7%d8%a6%d9%8a%d9%84%d9%8a-%da%86%d9%88%d9%86%da%8a%d9%86-%da%a9%d8%a7%d9%86-%d9%be%d9%88%d8%a1%d9%90-90-%d8%b3%d9%8a%da%aa%da%99%d9%88-%d9%88%d9%88%d9%bd%d9%86-%d8%ac%d9%8a/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون