دنيا آمريڪي صدر نيٽلي بيڪر کي پاڪستان ۾ سفير مقرر ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ناظم الامور نيٽيلي بيڪر کي پاڪستان ۾ نئون سفير مقرر ڪري ڇڏيو.
وائٽ هائوس موجب آمريڪي صدر نيٽلي بيڪر کي پاڪستان ۾ آمريڪا جي نئين سفير نامزد ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ نيٽيلي بيڪر جي نازمدگي منظوري جي لاءِ سينيٽ ڏانهن اماڻي وئي آهي، سينيٽ جي منظوري کان پوءِ اها سفير مقرر ٿي ويندي.
ياد رهي ته نيٽلي بيڪر جنوري 2025 ۾ اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ بطور ناظم الامور پنهنجون ذميواريون سنڀاليون هيون ۽ هو انهي وقت پاڪستان ۾ بطور آمريڪي ناظم الامور خدمتون انجام ڏئي رهي آهي.
نيٽيلي بيڪر انهي کان اڳ آمريڪي سفارتخاني دوحه، قطر ۾ ڊپٽي چيف آف مشن به مقرر رهي. نيٽيلي پرنسٽن يونيورسٽي مان بيچلرز جي ڊگري حاصل ڪئي جڏهن ته هن هارورڊ يونيورسٽي ۾ ڪينيڊي اسڪول آف گورنمنٽ مان پبلڪ پاليسي ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي. نيٽيلي بيڪر آمريڪا جي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي نيشنل وار ڪاليج جي 2017 جي گريجوئيٽ آهي.
انهي کان علاوه آمريڪي صدر جيفري ڪولائر کي متحده عرب امارات، سنتهيا ڪيرشٽ کي سينيگال ۽ ايان ميڪ ڪيري کي مالي ۾ آمريڪي سفير مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a2%d9%85%d8%b1%d9%8a%da%aa%d9%8a-%d8%b5%d8%af%d8%b1-%d9%86%d9%8a%d9%bd%d9%84%d9%8a-%d8%a8%d9%8a%da%aa%d8%b1-%da%a9%d9%8a-%d9%be%d8%a7%da%aa%d8%b3%d8%aa%d8%a7%d9%86-%db%be-%d8%b3%d9%81%d9%8a%d8%b1/






