اسان ادارن کي مضبوط ۽ سياسي مداخلت کان پاڪ ڪري رهيا آهيون: گورنر پنجاب

لاهور: پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو آهي ته اسان ادارن کي سياسي مداخلت کان پاڪ ۽ مضبوط بنائي رهيا آهيون.

پنجاب  جي گورنر چوڌري محمد سرور لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو  ڪو به ذاتي ايجنڊا ناهي صرف ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ئي ان جو مشن آهي. هن چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهروين ڀيرو ڪا  حڪومت مافيا جي خلاف ايڪشن کڻي رهي آهي. جڏهن ته اسان ادارن کي سياسي مداخلت کان پاڪ ۽ مضبوط بنائي رهيا آهيون.

پنجاب جي گورنر چيو ته عيد ۽ محرم ۾ لاپرواهي سبب ڪورونا ٻيهر بي قابو ٿي سگهي ٿو ۽ مال پڙين ۾ ايس او پيز  تي سختي سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هنن چيو ته ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) جو ڪردار تاريخ جو حصو رهندو.

ٻئي طرف حڪومت  جي حڪمن موجب رات 12 وڳي پنجاب ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو جڏهن ته مارڪيٽون به 9 ڏينهن جي لاءِ بند ڪيون ويون آهن.   گذريل ڏينهن پنجاب حڪومت ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ جي لاءِ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 9 ڏينهن جي لاءِ مارڪيٽون بند رکڻ جو فيصلو ڪيو هو.

پنجاب جي قانون واري وزير جي صدارت هيٺ ڪورونا کان بچاءُ واري سب ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ عيد تي اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سڄي پنجاب ۾ عيد تي غير ضروري مارڪيٽن کي بند ڪيو ويندو. ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ جي لاءِ 9 ڏينهن تائين مارڪيٽون بند رهنديون. فياض الحسن چوهاڻ ٻڌايو ته لاهور ۾ سخت لاڪ ڊائون ڪيو ويندو ۽ قرباني واري عيد تي ايس او پيز تي عمل يقيني بنايو ويندو.