خيرپور: ٻارن سان جنسي ڏاڍائي واري ڪيس ۾ گرفتار سارنگ شر 12 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

خيرپور :خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻارن سان جنسي ڏاڍائي واري ڪيس ۾ گرفتار سارنگ شر کي 12 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ٺري ميرواهه ۾ ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙ سارنگ شر کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت سارنگ شر کي 12ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ياد رهي ته ٺري ميرواهه ۾ جوابدار سارنگ شر معصوم ٻارن کي بدفعلي جو نشانو بڻائي وڊيوز ڀريندو هو، معاملو ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو.