پيپلزپارٽي پنهنجي ووٽرز کان انتقام وٺي رهي آهي: پي ٽي آءِ اڳواڻ

ڪراچي : ڪراچي شهر ٻڏي ويو ۽ نيرو پنهنجي سالگرهه ملهائي رهيو آهي، پيپلزپارٽي ٽيون ڀيرو اقتدار ۾ آڻيندڙ ووٽرز کان انتقام وٺي رهي آهي، سڌ سماءَ واري وزير شبلي فراز طرفان ٽوئيٽ ۾ چيو ويو ته ڪراچي واسي ڏکين حالتن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته پ پ کان برساتي نالن جي به سفائي نٿي ٿئي ۽ هڪ بگڙيل نوجوان هر معاملي جو ذميوار ٻين کي قرار ڏئي رهيو آهي، شهباز گل به پ پ تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪراچي واسين کي پنهنجن پيارن جا لاش نالن مان ڪڍندي ڏسي ڏک ٿي رهيو آهي.