آمريڪي ايوان نمائندگان جي ڪميٽي پاران والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار

آمريڪا جي ايوان نمائندگان جي ڪميٽي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال ۽ مذهبي آزادي تي اثر تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ڪميٽي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ ، پرڏيهي آپريشن ۽ ٻين پروگرامن بابت آمريڪي ايوان صدر کي رپورٽ پيش ڪئي ، جنهن ۾ هن ڪشمير ۽ هندستان ۾ انساني حقن ۽ مذهبي آزادين جي خراب صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي چيئرمين آمريڪا کان مطالبو ڪيو ته والاريل ڪشمير ۾ پابندين کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي آمريڪا جي پرڏيهي وزير مائڪ پومپيو کي 90 ڏينهن اندر ڪشمير جي صورتحال بابت رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ چيو ويو آهي.