علي زيدي انتهائي غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي، مراد علي شاهه

اسلام آباد: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته علي زيدي انتهائي غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي، هُن کي رات جي اونداهي ۾ نامعلوم ماڻهو رپورٽس ڏئي وڃن ٿا، اصل جي آءِ رپورٽس گهرو کاتي جي ويب تي پيل آهن، اسلام آباد ۾ نيب راولپنڊي وٽ پيش ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته مون کي ڪو به سوالنامو نه ڏنو ويو، نيب منهنجي درخواست قبول ڪري ورتي آهي، عذير بلوچ کي رينجرز گرفتار ڪيو، 90 ڏينهن پڇاڳاڇا ٿي، علي زيدي کي رات جي اونداهي ۾ نامعلوم ماڻهو رپورٽس ڏئي وڃن ٿا، علي زيدي کي بنا صحيحن واريون رپورٽس ڏنيون وڃن ٿيون، علي زيدي انتهائي غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته علي زيدي 6 ماڻهن جو ذڪر ڪري غلط بياني ڪئي آهي، رپورٽس ۾ 6 نه 7 ماڻهن جو ذڪر آهي، علي زيدي جوابدارن کي فائدو پهچائڻ لاءِ جي آءِ ٽي کي تڪراري بڻايو، اصل جي آءِ ٽي رپورٽس گهرو کاتي جي ويب سائٽ تي پيل آهي، اسان تي علي زيدي جي ڪري سياسي دٻاءُ آيو.