سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران تڪبندين بابت درخواست تي تڪڙي ٻڌڻي واري استدعا رد

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن پاران تڪبندين بابت جوڙيل ڪميٽي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز، ڊي سيز ۽ ٻين کي شامل ڪرڻ خلاف ايم ڪيو ايم جي درخواست تي تڪڙي ٻڌڻي واري استدعا ٻيهر رد ڪري ڇڏي، جسٽس خادم حسين شيخ رمارڪس ۾ چيو ته تڪبنديون روڪڻ بابت حڪم نه ٿا ڏئي سگهون، معاملي تي ڊگهو بحث ٿي سگهي ٿو، موڪلن جي ڪري ٻڌڻي ممڪن ناهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ ۾ نين تڪبندين بابت اليڪشن ڪميشن جي جوڙيل ڪميٽي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز، ڊي سيز ۽ ٻين کي شامل ڪرڻ خلاف ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت ميئر ڪراچي وسيم اختر ۽ ايم ڪيو ايم جي ٻين اڳواڻڻ جي درخواست تي تڪري ٻڌني ڪرڻ واري استدعا هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪري ڇڏي. جسٽس خادم حسين شيخ رمارڪس ۾ چيو ته تڪبنديون روڪڻ بابت حڪم نه ٿا ڏئي سگهون، معاملي تي ڊگهو بحث ٿي سگهي ٿو، موڪلن جي ڪري ٻڌڻي ممڪن ناهي.