ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 83 حياتيون ڳڙڪائي ويو

ڪراچي: ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 83 حياتيون ڳڙڪائي ويو، فوتين جو انگ وڌي 4 هزار 922 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب 7 جولاءِ تي 21 هزار 951 ٽيسٽ ڪيون ويون، جن مان 29 سئو 80 پازيٽو آيا. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ 97 هزار 626 ڄڻا ڪرونا ۾ مبتلا آهي، جتي 16 سئو 14 مريض حياتيون پڻ وڃائي چڪا آهن. ان کان علاوه پنجاب ۾ مريضن جو انگ 83 هزار 5 سئو 99 آهي، جڏهن ته فوتين جو تعداد 16 سئو 29 تي پهچي ويو آهي.
خيبرپختونخواهه ۾ 28 هزار 681 ماڻهو متاثر آهن، اُتي هڪ هزار 45 حياتيون وڃائي ويٺا آهن، بلوچستان ۾ 124 ماڻهو ڪرونا سان وڙهندي موت جي منهن ۾ هليا ويا، جڏهن ته 10 هزار 919 ڪيسز رپورٽ ٿي چڪا آهن. اين سي او سي موجب اسلام آباد ۾ 140، گلگت بلتستان ۾ 30 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 40 ڄڻا ڪرونا سان وڙهندي حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته گذريل ڏينهن اتي ڪو به فوت نه ٿيو هو………