آمريڪا پاڪستان کي 100 وينٽي ليٽر موڪلي ڇڏيا

اسلام آباد: آمريڪا ڪورونا وائرس خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي 100 وينٽي ليٽر موڪلي ڇڏيا آهن

وفاقي گادي واري شهراسلام آباد ۾ موجود آمريڪي سفارتخاني پنهنجي ٽوئيٽ اڪائونٽ تي لکيو آهي ته ڪورونا سان وڙهڻ لاءِ پاڪستان کي اسٽيٽ آف دي آرٽ وينٽي ليٽرز فراهم ڪيا ويا آهن

ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪورونا وائرس خلاف جنگ ۾ واشنگٽن اسلام آباد سان گڏ آهي

هن چيو ته وينٽي ليٽرسڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ لڳايا ويندا ، جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل انهن وينٽي ليٽرز جي قيمت 30 لک ڊالر آهي