دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 4 هزار 6 سئو 25 ماڻهو فوت

ڪراچي/نيويارڪ :دنيا ۾ ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري آهن، هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 4 هزار 6 سئو 25 انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهن. سموري دنيا ۾ هڪ لک 83 هزار نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد ڪورونا متاثرن جو انگ هڪ ڪروڙ 7 لک 80 هزار ٿي ويو آهي، برازيل ۾ صورتحال بدستور خراب آهي، هڪ ڏينهن ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 976 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا جڏهن ته 40 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 14 لک 48 هزار 8 سئو ٿي ويو آهي. ميڪسيڪو ۾ 648 ماڻهو ڪورونا وگهي فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 27 هزار 769 ٿي ويو. آمريڪا ۾ 634 ماڻهو ڪورونا سبب فوت ٿي ويا، جڏهن ته 46 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس مريضن جو انگ 27 لک 74 هزار 427 ٿي ويو آهي. روس ۾ 216،برطانيه ۾ 176،ايران ۾ 141، ڏکڻ آفريڪا ۾ 98،سعودي عرب ۾ 49، بنگلاديش ۾ 41، ڪينيڊا ۾ 24 ۽ ترڪي ۾ 21 فوتگيون ٿيون، جنهن بعد عالمي وبا سبب هيل تائين فوت ٿيندڙن جو انگ 5 لک 17 هزار 834ٿي ويو، هيل تائين 59لک 28 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.