اسلام آباد : اوپن اي آءِ پنهنجو گهٽ ۾ گهٽ قيمت وارو سبسڪرپشن پلان چيٽ جي پي ٽي گو، ايشيا جي 16 وڌيڪ ملڪن ۾ متعارف ڪرايو آهي، جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي. چيٽ جي پي ٽي جي سي اي او نڪ ٽرلي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (ٽوئيٽر) تي ان جو اعلان ڪيو،هن چيو ته صارفين طرفان چيٽ جي پي ٽي کي وڌيڪ سستو بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو، مصنوعي ذهانت (AI) ڪمپني پهريون ڀيرو ڪجهه وقت اڳ هندستان ۽ انڊونيشيا ۾ چيٽ جي پي ٽي گو متعارف ڪرايو، هاڻي اوپن اي آءِ پاڪستان، افغانستان، بنگلاديش، ڀوٽان، برونائي، ڪمبوڊيا، لاوس، ملائيشيا، مالديپ، ميانمار، نيپال، فلپائن، سري لنڪا، اوڀر تيمور ۽ ويٽنام ۾ چيٽ جي پي ٽي گو متعارف ڪرايو آهي، اوپن اي آءِ جي مطابق، چيٽ جي پي ٽي گو متعارف ڪرائڻ جو مقصد ڪمپني جي نئين ماڊل جي پي ٽي 5 جي صارفين تائين رسائي کي وڌائڻ آهي، چيٽ جي پي ٽي گو ۾ هن اي آءِ چيٽ بوٽ جي مفت ورزن جون سڀئي خاصيتون هونديون، وڌيڪ تصوير ٺاهڻ، فائل اپلوڊ، جديد ڊيٽا اينالائيٽڪس ۽ ٻيون خاصيتون، جيڪي صارفين لاءِ دستياب هونديون، ڪمپني چيو ته ان کان علاوه، چيٽ جي پي ٽي گو ۾ اي آءِ چيٽ بوٽ جي مفت ورزن جي مقابلي ۾ استعمال ڪندڙن لاءِ چيٽ ۽ ٽولز جي حد به وڌيڪ هوندي، پاڪستان ۾ چيٽ جي پي ٽي گو جي ماهوار فيس 1,400 رپيا (تقريبن 5 ڊالر) مقرر ڪئي وئي آهي، مقابلي ۾، چيٽ جي پي ٽي پلس جي ماهوار فيس 5,700 رپيا، چيٽ جي پي ٽي پرو 49,900 رپيا، جڏهن ته بزنس پلان 8,499 رپيا آهي،2022 ۾ متعارف ٿيڻ کان وٺي، چيٽ جي پي ٽي جو استعمال دنيا ۾ تمام گهڻو وڌي ويو آهي ۽ ان جي ماهوار استعمال ڪندڙن جو تعداد 800 ملين کان وڌي ويو آهي،اوپن اي آءِ جي مطابق، مئي 2025 ۾، اي آءِ چيٽ بوٽ جي استعمال جي شرح ترقي يافته ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آمدني وارن ملڪن ۾ 4 ڀيرا وڌيڪ هئي.