سون مهانگو ٿيڻ سان زيور تيار ٿيڻ بند ٿي ويا، سونارن جو ڪاروبار ٺپ

ڪراچي: سون ۾ سرمائيڪاري نه صرف پاڪستان پر سموري دنيا ۾ پرڪشش سرمائيڪاري جو هڪ وڏو سيڪٽر بڻجي ويو آهي. سرمائيڪار نه صرف انهي کي پنهنجي لاءِ محفوظ اثاثو سمجهندا آهن پر انهي کي هڪ بهترين ڪاروبار به قرار ڏين ٿا.

سرمائيڪارن جي انهي سيڪٽر ۾ سرمائيڪاري سان پهريون ڀيرو عالمي منڊي ۾ سون 4 هزار ڊالر في اونس جي حد به ڪراس ڪري ويو آهي، آمريڪا ۾ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي، شٽ ڊائون ۽ آمريڪن ٽيرف جي جنگ سرمائيڪارن کي انهي طرف  آڻي ڇڏيو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته سرمائيڪار عالمي واپاري ڇڪتاڻ، جغرافيائي حالتن سبب سرمائيڪارن ۾ بيچيني آهي جنهن جي ڪري ماڻهو سون جي خريداري جي ميدان ۾ تيزي سان اچي رهيا آهن.

سرمائيڪارن ۾ لڳل انهي ڊوڙ سبب سون جي قيمت مسلسل بلندي طرفان گامزن آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ اضافي جي اثرن سبب مقامي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت مسلسل وڌي رهي آهي.

آل پاڪستان جيم اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڊالر ڪمزور ٿيندو آهي ته دنيا ۾ سون جي طلب وڌندي آهي. ٽرمپ جي واپاري جنگ سبب ڊالر ڪمزور ٿي رهيو آهي جنهن سبب سرمائيڪار ڊالر جي بجاءِ سون خريد ڪري رهيا آهن.

پاڪستان ۾ سون جي وڌندڙ قيمت جي اثرن بابت جيولز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته هاڻ سون شادي جي تقريبن لاءِ به خريد نه ٿو ڪيو وڃي. سون جا زيور تيار ٿيڻ بند ٿي چڪا آهن. سونارا بيروزگار ٿي ويا آهن، زيورن جا 50 سيڪڙو ڪارخانا بند ٿي ويا آهن ڇو ته پاڪستان ۾ صرف سرمائيڪار سون خريد ڪري رهيا آهن.

ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته وچولو طبقو چاندي ۾ سرمائيڪاري ڪري رهيو آهي. سون جي قيمت ۾ اضافي سبب سڀني کان وڌيڪ سونارا پريشان آهن ڇو ته انهن جو ڪاروبار ٺپ ٿي چڪو آهي.

and the goldsmith business collapsedAs gold became expensivejewelry production stopped