حماس پاران غزہ جنگبندي معاهدي لاءِ اهم مطالبا پيش

غزه:  فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس چيو آهي ته اها آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي منصوبي جي بنياد تي غزه جنگ جي خاتمي لاءِ معاهدي جي حامي آهي، پر ڪجهه بنيادي شرطون اڃا به قائم آهن. حماس جي سينيئر اڳواڻ فوزي برهوم 7 آڪٽوبر 2023 جي حملي کي ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي جاري بيان ۾ چيو ته مصر ۾ موجود حماس جو وفد اهڙي معاهدي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪو غزه جي عوام جي اميدن تي پورو لهي.

فوزي برهوم چيو ته ڪنهن به معاهدي ۾ جنگ جي مڪمل پڄاڻي ۽ اسرائيلي فوج جي غزه مان مڪمل واپسي جي ضمانت شامل ٿيڻ لازمي آهي، اهي شرطون جيڪي اسرائيل اڳ ۾ رد ڪري چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حماس اهڙو معاهدو چاهي ٿي جنهن ۾مستقل ۽ جامع جنگبندي، اسرائيلي افواج جو مڪمل انخلا، انساني امداد جي غير مشروط داخلا، بي گهر فلسطينين جي فوري واپسي، قيدين جي مٽاسٽا، ۽ فلسطيني ماهرن جي نگراني هيٺ غزه جي ٻيهر تعمير شامل هجي.

فوزي برهوم اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو تي به سخت تنقيد ڪئي، چوندي ته اسان نيتن ياهو جي انهن سازشن بابت خبردار ڪريون ٿا، جيڪي هن وقت جي ڳالهين کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن، جيئن هو اڳ ۾ به جنگبندي جون ڪوششون ناڪام بڻائيندو رهيو آهي. ياد رهي ته غزه جنگبندي معاهدي بابت اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ بالواسطه ڳالهيون گذريل ڏينهن مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ شروع ٿيون.

 

Hamas presented important demands for the Gaza cease-fire agreement