اسلام آباد: سوئي ناردرن گيس ڪمپني جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عامر طفيل چيو آهي ته وزيراعظم عوام جي سهوليت لاءِ گيس جي گهريلو ڪنيڪشن تي لڳايل پابندي کي هٽائي ڇڏيو، ايل اين جي ڪنيڪشن جي لاءِ منظوري ڏني وئي آهي.
اسلام آباد ريجنل آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڊي ايس اين جي پي ايل جو چوڻ هو ته هن سال 3 لک ڪنيڪشن جو ٽارگيٽ پورو ڪيو ويندو ۽ ايندڙ سال کان هر سال 6 لک گهريلو صارفين کي ڪنيڪشن جي سهوليت ڏني ويندي. انهي حوالي سان ايس اين جي پي ايل جي هيڊ آفيسن ۾ مانيٽرنگ يونٽ قائم ڪيا ويا آهن. ريجنل سطح تي به مانيٽرنگ يونٽس ٺاهيا ويا آهن.
هن جو چوڻ هو ته 2 لک 45 هزار ماڻهن جا ڊيمانڊ نوٽيس اڳ ئي جمع هئا جن جا ڊيمانڊ نوٽيس جمع هئا انهن کي خط لکيا ويا آهن. ايل پي جي سلينڊر اسان جي ايل اين جي کان 30 سيڪڙو مهانگو آهي. صارفين کي سلينڊر خريد نه ڪرڻو پوندو. گيس گهرن تي دستياب هوندي، عوام ڪنهن جي غلط ڳالهين ۾ نه اچي پر سڌو سنئون آن لائن ۽ آفيسن ۾ اچي درخواستون جمع ڪرائي. اهو گيس ٻئي گيس جي مقابلي ۾ 30 سيڪڙو مهانگو آهي جنهن جي قيمت 3200 روپيه في ايم ايم بي ٽو يو ايل اين جي مقرر ڪئي وئي آهي.