وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس

ڪراچي:  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ ڪچي جي علائقي ۾ ڏوهارين لاءِ سرينڊر پاليسي، سال 2025 جي ڪڻڪ رليز پاليسي، تيل ڪمپنين کان انفراسٽرڪچر سيز جي اوڳاڙي ٻيهر شروع ڪرڻ، ايل بي او ڊي ملازمن جي ريگولرائيزيشن جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته صوبي ۾ ٽائر پائرولائسس پلانٽس جي آپريشن تي مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ سميت ٻيا اهم فيصلا پڻ ڪيا ويا.

اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي صوبائي ڪابينا سرڪاري ملازمن جي بينيولنٽ فنڊ جي نوٽيفڪيشن کي مؤخر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

سنڌ ايمپلائيز الائنس (SEA) طرفان 3 آڪٽوبر 2025 تي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه کي گهرجن جو چارٽر پيش ڪيو ويو جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سرڪاري ملازمن لاءِ بينيولنٽ فنڊ رڳو وفات يا معذوري بدران ريٽائرمينٽ جي وقت به ڏنو وڃي. ڪابينا هن مقصد لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ فنانس، جنرل ايڊمنسٽريشن، ايمپليمينٽيشن اينڊ ڪوآرڊينيشن، قانون ۽ ڊائريڪٽر بينيولنٽ فنڊ جا سيڪريٽري شامل به هوندا. ڪميٽي بينيولنٽ فنڊ جي استعمال جي طريقيڪار تي غور ڪندي ۽ جنرل پروويڊنٽ فنڊ جي طرز تي سفارشون تيار ڪندي.

ڪميٽي ملازمن جي حصيداري، ادائگي جي فارمولن، فائدي جي ڍانچي ۽ قانوني ترميمن بابت سفارشون ڪابينا کي پيش ڪندي. ڪچي علائقن ۾ ڏوهارين لاءِ سرينڊر پاليسي، ڪابينا سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪچي علائقن لاءِ ڏوهارين جي سرينڊر پاليسي منظور ڪئي، جنهن جو مقصد امن قائم ڪرڻ، رياست جو وقار برقرار رکڻ ۽ درياءَ جي ڪناري وارن علائقن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ آهي.

ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي ته سيڪيورٽي آپريشنن ۽ مقامي برادرين سان ڳالهين کانپوءِ ڪيترن ڏوهارين پنهنجو پاڻ کي قانون جي حوالي ڪرڻ تي آمدگي ظاهر ڪئي آهي. هي پاليسي قانون جي مطابق شفاف ۽ انساني بنيادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندي، هٿيارن جي لازمي ضبطگي، خاندانن جو تحفظ، بحالي ۽ روزگار جي فراهمي، تعليم، صحت ۽ فني تربيتي موقعن تائين رسائي. حڪومت انهن علائقن ۾ اسڪول، صحت ۽ ترقياتي منصوبن کي بحال ڪندي ته جيئن امن ۽ استحڪام برقرار رهي.

وڏي وزير گهرو کاتي کي هدايت ڪئي ته پاليسي جي شفاف عملداري کي يقيني بڻايو وڃي ۽ عوامي آگاهي مهم ذريعي سرينڊر کي امن ۽ بحالي جي رستي طور اجاگر ڪيو وڃي. ڪابينا مالي نظم ۽ قيمتن ۾ استحڪام لاءِ ڪڻڪ رليز پاليسي 2025-26 جي منظوري ڏني. ڪابينا 27 فيبروري 2025 جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو هو ته ننڍن آبادگارن جي مفاد جي تحفظ لاءِ ڪڻڪ فوري طور جاري نه ڪئي وڃي پر محدود ذخيرا، ربيع 2024-25 ۾ گهٽ پيداوار ۽ مارڪيٽ ۾ قيمتن جي واڌ سبب ڪابينا فلور ملن ۽ چڪين لاءِ 12 لک 65 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني.

ڪڻڪ 100 ڪلوگرام جي ٿيلهي لاءِ 9500 رپيا جاري ڪئي ويندي. اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام آڻي عوام کي رليف ڏيڻ ۽ ڪڻڪ جي وڪري مان حاصل رقم سان بينڪ قرضا واپس ڪري مالي نظم برقرار رکڻ. خوراڪ کاتي آڪٽوبر 2025 کان مرحليوار ڪڻڪ جي ورهاست شروع ڪندو. ته جيئن عوام کي حقيقي فائدو ملي ۽ مارڪيٽ ۾ ڪنهن به قسم جي هيٺ مٿي کان بچي سگهجي.

ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي پاران تيل جي درآمد تي سنڌ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيز جي وصولي بابت سمري تي غور ڪيو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 36 تيل ڪمپنيون جن ۾ پاڪستان اسٽيٽ آئل به شامل آهي، هن معاملي ۾ ملوث آهن. مجموعي سيز رقم 102.545 ارب رپيا آهي جنهن مان 49.736 ارب رپيا 2022-23 ۽ 52.809 ارب رپيا 2023-26 سان لاڳاپيل آهن. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪندي تيل ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته هو پيٽروليم مصنوعات جي ڪلينس لاءِ سيز جي برابر بينڪ گارنٽيون جمع ڪرائن.

پاڪستان اسٽيٽ آئل ۽ ٻين تيل ڪمپنين جي گارنٽيون واپس وٺڻ ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب بينڪ گارنٽيون جمع ڪرائڻ جي منظوري ڏني. وڏي وزير هدايت ڪئي ته عدالت جي حڪمن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ته جيئن صوبي جي آمدني جو تحفظ ۽ سنڌ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيز ايڪٽ جو مؤثر نفاذ يقيني بڻائي سگهجي.

ڪابينا ليـفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (LBOD) منصوبي جي 78 ڏھاڙيدار ملازمن جي ريگولرائيزيشن جي منظوري ڏني، جن ۾ 50 درخواست ڏيندڙ ۽ 28 غير درخواست ڏيندڙ شامل آهن. اهي ملازم واپڊا کان سنڌ حڪومت ڏانهن منصوبو منتقل ٿيڻ بعد ڪنٽيجنٽ بنيادن تي ڪم ڪري رهيا هئا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپورخاص بينچ جي هدايت تي انهن جا ڪيس ٻيهر غور هيٺ آندا ويندا جنهن ۾ عدالت مشاهدو ڪيو ته ڊگهي ۽ سٺي سروس 2018 جي قانون تحت اهي ريگولرائيزيشن جا حقدار آهن. وڏي وزير شفاف طريقي سان عمل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

سنڌ انٽرپرائز ڊولپمينٽ فنڊ (SEDF): ڪابينا سنڌ انٽرپرائز ڊولپمينٽ فنڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرن جي ٻيهر جوڙجڪ جي منظوري ڏني. وڏي وزير چيو ته هي فنڊ 2011 ۾ صوبي ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري ترقي جي فروغ لاءِ قائم ڪيو ويو هو. نئين بورڊ ۾ وزير يا انويسٽمينٽ بابت صلاحڪار بورڊ چيئرمين هوندو جڏهن ته سيڪريٽري انويسٽمينٽ، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ۽ پي پي پي يونٽ جو ڊي جي ميمبر هوندا. آزاد ميمبرن ۾ عثمان الماني، ميھر مصطفى ڪاظمي، عثمان جاويد مرزا ۽ مھرين عبيد آغا شامل آهن. وڏي وزير چيو ته نئون بورڊ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي فروغ ۽ روزگار و سيڙپڪاري جي موقعن جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

صوبي ۾ ٽائر پائرولائسنس پلانٽس جي آپريشن تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي ته جيئن فضائي آلودگي ۽ عوامي صحت جي خطرن کي گهٽائي سگهجي. سنڌ انوائرونمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) جي سفارش تي هي فيصلو ڪيو ويو جنهن موجب پائرولائسنس سرگرميون زهريلا ۽ خطرناڪ مادا ڇڏين ٿيون جيڪي ڪراچي جي هوا کي آلوده ڪن ٿيون. سنڌ انوائرونمينٽل پروٽيڪشن ايڪٽ 2014 تحت "سنڌ انوائرونمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (پريوينشن آف يوز آف سب اسٽينڊرڊ فيول/ٽائرز) رولز 2025” جي منظوري ڏني، جنهن تحت غير معياري ايندھن ۽ ٽائر پائرولائسنس آئل جي پيداوار، وڪري ۽ استعمال تي پابندي هوندي.

وڏي وزير سيپا کي هدايت ڪئي ته پابندي تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ۽ ماحولياتي تحفظ جي عالمي معيار، بشمول باسل ڪنونشن ۽ يو اين اي پي جي رهنمائي اصولن تي عمل يقيني بڻايو وڃي. اربن ايميوبل پراپرٽي ٽيڪس (UIPT) جي نظام کي سالياني ڪرائي واري قدر (ARV) جي بنياد تان سرمائيداري قدر (CV) تي منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني جيڪو IMF جي تعاون سان قومي ٽيڪس هم آهنگي جو حصو آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته موجوده ARV نظام 2001 کان غيرفعال آهي ۽ مارڪيٽ جي حقيقتن جي عڪاسي نٿو ڪري. نئون CV نظام وڌيڪ منصفاڻو ۽ شفاف هوندو ۽ آمدني ۾ اضافي جو امڪان آهي.

هي نظام ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان "ڪلڪ پروجيڪٽ” تحت ڪراچي پراپرٽي سروي کان پوءِ لاڳو ڪيو ويندو جنهن سان جنوري 2026 تائين 20 لک نيون جائدادون ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿينديون. وزيراعليٰ چيو ته هي سڌارا پراپرٽي ٽيڪسيشن کي منصفاڻو، شفاف ۽ پائيدار بڻائينداسين. بلديات کاتي کي لاڳاپيل قانون جو مسودو تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سڄي سنڌ ۾ عوام لاءِ وفات جي سرٽيفڪيٽ جي رجسٽريشن فيس ختم ڪري ڇڏي. هي فيصلو گڏيل قومن ۽ بين الاقوامي ڀائيوارن جي تعاون سان سول رجسٽريشن ۽ اهم انگن اکرن (CRVS) جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو. ته جيئن شهري مفت وفات جا سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهن. ڪابينا چيو ته هي قدم شهري سهولت ۽ ڊجيٽل رجسٽريشن جي فروغ لاءِ کنيو ويو آهي.

وراثتي اسناد سان لاڳاپيل ترميمون: سنڌ ليٽرز آف ايڊمنسٽريشن اينڊ سڪسيشن سرٽيفڪيٽس ايڪٽ ۽ رولز 2021 ۾ ترميمون منظور ڪيون، ته جيئن وراثت حاصل ڪرڻ جو عمل آسان ۽ شفاف بڻجي. نئين ترميم ۾ نابالغ ۽ ذهني معذور وارثن جي حقن جي تحفظ تي زور ڏنو ويو آهي. ڪوڙو بيان ڏيندڙن خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ جي دفعه 198 تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپني (SITC) جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ٻيهر تشڪيل منظور ڪئي۔ آزاد ڊائريڪٽر عزير باواني جي استعيفيٰ کان پوءِ ڪابينا نعيم زامندار کي نئون آزاد ڊائريڪٽر مقرر ڪيو جن کي جدت ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ وسيع تجربو حاصل آهي.

سنڌ سينيئر سٽيزنز ويلفيئر ايڪٽ 2014″ (ترميمي 2023) تحت ٽن سالن جي مدي لاءِ ٽين سينيئر سٽيزن ڪائونسل جي تشڪيل منظور ڪئي۔ ڪائونسل وزير سوشل ويلفيئر جي سربراهي ۾ ڪم ڪندي ۽ بزرگ شهرين جي ڀلائي لاءِ پاليسيون تيار ڪندي، جن ۾ سينيئر سٽيزن ڪارڊز جو اجرا به شامل آهي. ممبرن ۾ فنانس، صحت، بلديات، زڪوات ۽ عشر، ٽرانسپورٽ ۽ فوڊ اينڊ ايگريڪلچر جا سيڪريٽريز ۽ اسپيڪر طرفان نامزد ڪيل ايم پي ايز شامل هوندا. نجي ميمبرن ۾ عبدالله بٽ، طارق رمضان بلائدي، ضمير احمد دراني، انعام رحماني ۽ محمد اسلم شيخ (ريٽائرڊ) شامل آهن.

ڪراچي جي گلشن حديد، بن قاسم ۾ واقع آغوش اسپيشل چائلڊرن هائير سيڪنڊري اسڪول جو انتظام پاڪستان اسٽيل ملز کان ڊپارٽمينٽ فار ايمپاورمينٽ آف پرسنز وِد ڊس ايبيلٽيز (DEPD) حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني. هي فيصلو پاڪستان اسٽيل ملز جي رضامندي کان پوءِ ڪيو ويو جنهن پنهنجا تعليمي ادارا سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. اسڪول هن وقت 252 شاگردن کي تعليم ڏئي رهيو آهي جن جي سار سنڀال لاءِ 52 عملي جا ميمبر ڪم ڪري رهيا آهن.

مالي سال 2025-26 لاءِ عملي جي پگهارن، خرچن ۽ سار سنڀال لاءِ 5 ڪروڙ 34 لک رپين جي منظوري ڏني. هي انتظام ابتدائي طور 10 سالن لاءِ هوندو، جنهن کي باهمي رضامندي سان وڌائي سگهجي ٿو. وڏي وزير هدايت ڪئي ته منتقلي دوران شاگردن جي تعليم ۽ سار سنڀال جو تسلسل برقرار رکيو وڃي. اين اي ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچي ۾ هڪ سيڪشن 42 ڪمپني قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني، ته جيئن تحقيق ۽ جدت کي تجارتي بنيادن تي فروغ ڏنو وڃي.

اين اي ڊي يونيورسٽي مصنوعي ذهانت، بگ ڊيٽا، سائبر سيڪيورٽي ۽ روبوٽڪس جي قومي مرڪزن سان گڏ جدت جو مرڪز بڻجي چڪي آهي جڏهن ته سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جلد متعارف ڪرايو ويندو. نئين ڪمپني صنعت سان لاڳاپن کي مضبوط ڪندي ۽ تحقيق کي تجارتي شڪل ڏيڻ لاءِ پليٽفارم مهيا ڪندي۔ ڪمپني جو مجاز سرمايو 50 لک رپيا ۽ ابتدائي فنڊنگ 9 ڪروڙ 70 لک رپيا هوندي جڏهن ته بورڊ جي سربراهي وائيس چانسلر ڪندا. وڏي وزير اين اي ڊي جي ڪاميابين کي ساراهيندي چيو ته هي قدم سنڌ ۾ جدت، صنعت ۽ اڪيڊمي جي لاڳاپن ۽ معيشت ۾ تحقيق جي ڪردار کي مضبوط ڪندو.

 

Sindh Cabinet meeting chaired by Chief Minister Syed Murad Ali Shah