معرڪه حق ۾ ڀارت اسان جو ڪوبه جهاز نه ڪيرائي سگهيو: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪ ڀارت جنگ ۾ ڀارت پاڪستان جو ڪوبه جهاز ڪيرائي نه سگهيو، جڏهن ته ڀارت جا 7 جهاز تباهه ٿيا.

پرڏيهي ميگزين بلومبرگ کي انٽرويو ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اسان جي حڪمت عملي موثر، ڪارگر پليٽ فارمز ۽ پاڪستاني ٽيڪنالاجي کي شامل ڪرڻ رهي آهي. اسان هر قسم جي ٽيڪنالاجي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ تيار رهندا آهيون،  پوءِ چاهي اها مقامي هجي يا ٻاهر جي.

هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل نه آهي ۽ نه ئي پاڪستان ڪڏهن به انگن اکرن ۽ حقيقتن کان کيڏڻ يا لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان جو دفاعي بجيٽ ڀارت جي مقابلي ۾ تمام گهڻو گهٽ آهي اسان وٽ تمام گهڻا وسيلا به نه آهن.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته معرڪه حق ۾ ڀارت اسان جو ڪوبه جهاز ڪيرائي نه سگهيو. جڏهن ته تباهه ٿيل ڀارتي جهازن جو انگ 7 آهي  ۽ هي اهوئي انگ آهي جنهن جو ذڪر آمريڪي صدر گذريل هفتي پنهنجي تقرير ۾ ڪيو هو. انهي انٽرويو ۾ معرڪه حق ۾ پاڪستاني هٿيارن ۽ فوج ۾ شامل چيني پليٽ فارمز جي بهتر ڪارڪردگي جي به توثيق ڪئي وئي.

 

In the warIndia is easywhich could not shoot down any plane: DG ISPR